شيائومي وري هڪ نئون سستون فون متعارف ڪرائي ڇڏيو  

شيائومي پنهنجو نئون سستو سمارٽ فون ريڊمي 10 پرائم متعارف ڪرائي ڇڏيو.

ان فون کي سڀ کان اڳ ۾ ڀارت ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو پيو وڃي جيڪو بنيادي طور تي عالمي سطح تي ريڊمي 10 جي سالي سان پيش ڪيو ويو.

پر ريڊمي 10 پرائم ۽ ريڊمي 10 ۾ هڪ فرق آهي ۽ اهو بيٽري جو آهي.

ان نئين فون ۾ 6000 ايم اي ايڇ بيٽري آهي جڏهن ته ريڊمي 10 ۾ 5000 ايم اي ايڇ بيٽري ڏني وئي آهي.

ريڊمي 10 پرائم ۾ 6.5 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ ايف ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سان گڏ ڏني وئي آهي.

فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 88 پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 4 کان 6 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.

6000 ايم اي ايڇ بيٽري 18 واٽ فاسٽ چارجگ سپورٽ سان گڏ موجود آهي.

ڪمپني موجب ريڊمي 10 کي پاور بينڪ ۽ ٻين ڊوائيسز کي ڪيبل جي مدد سان ريورس چارج لاءِ به استعمال ڪري سگھجي ٿو.

ريڊمي 10 پرائم ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم ايم آءِ يو آءِ 12.5 سان ليس ڪيو ويو آهي.

Redmi 10 Prime announced with Helio G88 and 6,000 mAh battery

آءِ آر بلاسٽر، هيڊ فون جيڪ، واءِ فاءِ 802.11a ۽ بلوٽوٿ 5.1۽  ٻيا فيچرز ذڪر جوڳا آهن.

فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ ڏنو ويو آهي جيڪو 50 ميگا پڪسل مين ڪيمرا، 8 ميگا پڪسل الٽراوائيڊ، 2 ميگا پڪسل ڊيپٿ ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرائن تي ٻڌل آهي.

فون جي فرنٽ تي 8 ميگا پڪسل ڪيمرا پنچ هول ڊزائين ۾ لڪيل آهي.

ان فون جي 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج واري ماڊل جي قيمت 170 ڊالر (28 هزار پاڪستان رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 6 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج وارو ورجن 198 ڊالرز (33 هزار پاڪستان رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.