پاڪستان تان فلپائن وڃڻ جي پابندي ختم

 

منيلا(ويب ڊيسڪ) فلپائن پاڪستان سميت 10 ملڪن تي لاڳو سفري پابنديون ختم ڪري ڇڏيون آهن.

فلپائن جي حڪومت ڪورونا وائرس سبب لڳايل سفري پابندين ۾ نرمي ڪندي 10 ملڪن کي ريڊ لسٽ مان ڪڍي ڇڏيو آهي.

برطانوي خابرو اداري موجب ڇنڇر ڏهاڙي تي فلپائن جي صدر روڊريگو ڊيويٽرٽي پاڪستان سميت 10 ملڪن تان مسافرن جي ملڪ ۾ اچڻ تي لاڳو پابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

تنهن هوندي به پاڪستان، گڏيل عرب امارتون، بنگلاديش، سري لنڪا، نيپال، عمان، ٿائي لينڊ، انڊيا ۽ ملائيشيا مان ايندڙ ماڻهن کي 14 ڏينهن قرنطينه ۾ رهڻو پوندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.