هاڻ ٽوئيٽر تان به پئسا ڪمائي سگھجن ٿا

ٽوئيٽر هڪ نئون فيچر سپر فالوز متعارف ڪرايو آهي  جنهن تحت واهپيدار، پنهنجي سبسڪرائيبرز لاءِ شيئر ڪيل مواد جا پيسا وصول ڪري سگھندا.

ميڊيا رپورٽن موجب ان فيچر تحت واهپيدار اهو طئي ڪري سگھن ٿا ته هنن جا ٽوئيٽس رڳو سپر فالوورز جي ٽائم لائينز تي نظر ايندا.

ٽوئيٽر هلندڙ سال فيبروري ۾اهو فيچر متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ هاڻ اهو رڳو ٽوئيٽر جي آءِ او ايس ايپ تي دستياب ۽ آمريڪا ۾ ان جي آزمائش جاري آهي.

آمريڪا ۽ ڪئنيڊا ۾ موجود واهپيدار اڪائونٽس کي سپر فالو ڪري سگھن ٿا.

سپر فالوورز جي سڃاڻپ انهن جي نالي هيٺان نظر ايندڙ هڪ بيج ذريعي ٿيندي جڏهن هو ڪنهن به ٽوئيٽ جو جواب ڏيندا.

— فوٹو: ٹوئٹر

ٽوئيٽر ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ ٻين ملڪن ۾ به آءِ او ايس تي فراهم ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي جنهن کان پوءِ اهو اينڊرائيڊ ۽ ويب تي به دستياب هوندو.

سپر فالوز واهپيدار ماهوار بنيادن تي 5،3  يا 10 ڊالر اسٽرائپ ذريعي ٿيندڙ ادائگي ذريعي وصول ڪري سگھن ٿا.

ٽوئيٽر موجب ٿرڊ پارٽي فيس جا  واهيپدار سبسڪرپشن مان 97 سيڪڙو ريونيو ڪمائي سگھن ٿا جيستائين هو 50 هزار ڊالر جي لائف ٽائم مونيٽائزيشن تائين نٿا پهچن.

ٽوئيٽر جو چوڻ هو ته ان حد کي ڪراس ڪرڻ کان پوءِ واهپيدار ٿرڊ پارٽي فيس کان پوءِ 80 سيڪڙو تائين آمدني حاصل ڪري سگھن ٿا.

— فوٹو: ٹوئٹر

اهي واپيدار جن وٽ سپر فالو جو فيچر نه آهي اهي ٽوئيٽر ايپ ۾ مونيٽائزيشن ٽيب تحت ويٽ لسٽ لاءِ درخواست ڏئي سگھن ٿا.

ان فيچر لاءِ اهل ٿيڻ لاءِ، گھٽ ۾ گھٽ 10،000 فالوورز ۽ عمر 18 سال هجڻ جي ضرورت آهي ۽ لازمي آهي ته واهپيدار گذريل 30 ڏينهن ۾ 25 ڀيرا ٽوئيٽ ڪيا هجن ۽ هو ٽوئيٽر جي سپر فالوورز پاليسي تي پورو لهندو هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.