”منهنجي ڪري هِن کي فلمن ۾ ڪم مليو“

 

ممبئي(ويب ڊيسڪ) سلمان خان ۽ جيڪي شروف باليووڊ انڊسٽري جي وڏا سپر اسٽار آهن، ان سان گڏ ٻنهي جي دوستي به تمام گهڻي ويجهي آهي.

جيڪي شروف مختلف وقتن ۾ ڀيرا سلمان خان جي نيڪ نيتي ۽ وڏي دل جو اعتراف ڪندو رهيو آهي تنهن هوندي به هن اڄ تائين اهو ناهي چيو ته کيس سلمان خان جي ڪري فلم انڊسٽري ۾ جاءِ ملي يا انجي ڪري سلمان خان کي فلم نگري ۾ جاءِ ملي.

سلمان خان ڪيترن ئي اداڪارن توڙي اداڪارائن کي باليووڊ ۾ متعارف ڪرائي چڪو آهي، هن وقت تائين ڪيتريون ئي اداڪارائون ۽ اداڪار جن کي فلم انڊسٽري ۾ پهريون قدم سلمان خان رکرايو.

تنهن هوندي به جيڪي شروف وڏو انڪشاف ڪيو آهي ته مون پنهنجي ڊاريڪٽرن کي سلمان خان جون تصويرون ڏيکاريون ته کيس فلمن ۾ ڪردار ملڻ لڳا.

واضح رهي ته جيڪي شروف ۽ سلمان خان تازو ئي فلم رادهي: دي موسٽ وانٽڊ ڀائي ۾ گڏ نظر آيا آهن.

ان کان اڳ به سلمان خان ۽ جيڪي شروف ڪيترن ئي فلمن ”ڪيون ڪي، وير، ڀارت ۽ بندهن“ ۾ ڪم ڪري چڪا آهن.

ڀارتي فلم انڊسٽري ۾ ٻنهي اداڪارن کي سُٺو دوست سمجهيو ويندو آهي، جيتوڻيڪ جيڪي شروف جو ته ايتريقدر مڃڻ آهي ته هن جي ڪري ئي سلمان خان کي فلمن ۾ ڪم مليو.

پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ جيڪي شروف چيو ته مان ان نوجوان (سلمان خان) ان وقت ڏٺو هو جڏهن اهو 17 سالن جو هو، جيئن ته سندس پيءُ بهترين ڪهاڻيڪار هو ته هي به ان وقت شوبز ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.

هن چيو ته سنجي دت ۽ مان سدائين ان نوجوان کي ڏسندا هئاسين ته هو ڪهڙي انداز جو اسٽائل استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ڪهڙي خوبصورتي سان اهو اسٽائل ڏئي رهيو آهي جڏهن ته ان سان گڏ ئي هن ماڊلنگ به شروع ڪئي هئي.

جيڪي شروف چيو ته مون سلمان خان جي تصوير ان وقت ڏٺي هئي جڏهن مان هن جي پيءُ سان گڏ ڪم ڪري رهيو هئس ۽ مان اهي تصويرون پنهنجي ڊاريڪٽرن کي ڏيکاريون ته کيس فلمن ۾ ڪم ملڻ لڳو.

باليووڊ جي دادا چيو ته مون هن جون تصويرون ڏسي انهن ۾ اداڪارن جو صلاحيتون ڏٺيون ۽ ان ڳالهه جو اندازو ان وقت به ٿيو جڏهن مون هن کي اسسٽنٽ ڊاريڪٽر طور مونکي ڊائلاگ سيکاريندي ٻڌو.

هن اهو به چيو ته مونکي ان ڳالهه جو اندازو نه هو ته هي نوجوان اڳتي هلي ايڏو وڏو سپر اسٽار بڻجي ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.