شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت ۾ واڌ

لاهور (ويب ڊيسڪ) بينڪنگ ڪورٽ مني لانڊرنگ ۽ شگر انڪوائري جي ڪيس ۾  شهباز ۽ حمزا شهباز شريف جي عبوري ضمانت ۾ 25 سيپٽمبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

شگر انڪوائري ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز ۽ حمزا شهباز شريف اڄ لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ پيش ٿيا، ايف آءِ اي جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي.

ڪيس جي ٻڌڻي بينڪنگ ڪورٽ جي جج محمد اسلم گوندل ڪئي، عدالت ۾ شهباز ۽ حمزا جي حاضري لڳرائي وئي.

ان موقعي تي شهباز شريف چيو ته مون خلاف ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ جو ڪو به ڪيس نٿو ٺهي، آئون رمضان شگر ملڪ نه حصيدار نه ئي ڊائريڪٽر آهيان، پنهنجي وڏي وزارت واري دور ۾ شگر ملز کي سبسڊي ناهي ڏني.

عدالت ايف آءِ اي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيترا ڀيرا جاچ ۾ پيش ٿيا آهن؟ جنهن جو جواب ڏنو ويو ته هڪ ڀيرو طلب ڪيو آهي؟ عدالت ريمارڪس ڏنا ته زباني ڳالهيون ڪندئو ته ڪجهه نه ٿيندو.

عدالت ايف آءِ اي جي وڪيل کي چيو ت ه ڪيترا ڀيرا جاچ ۾ پيش ٿيا آهن،ايف آءِ اي وڪيل جواب ڏنو ته 30 جون تي جوابدارن کي طلب ڪيو هو.

جج چيو ته ان کان پوءِ اوهان ڇا ڪيو؟ 2 مهينن ۾ 4 لائينون لکندئون ته جاچ ڪڏهن مڪمل ٿيندي؟ جنهن کان پوءِ عدالت حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڊپٽي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان جاچ ۾ اڳڀرائي جي رپورٽ سوڌو پيش ٿئي.

حمزا شهباز پنهنجي بيان ۾ چيو ته هڪ سال اڳ هنن مون کان جيل ۾ جاچ ۽ جيڪي سوال پڇيا ويا انهن جا مڪمل جواب ڏنا.

هن چيو ته ون وقت هنن اهو نه چيو ته اوهان جي گرفتاري جي ضرورت آهي، هاڻ انهن کي ڪيس ۾ گرفتاري جي ڪهڙي ضرورت پيش اچي وئي.

جنهن کان پوءِ عدالت شهباز شريف ۽ حمزا شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 25 سيپٽمبر تائين واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي، شهباز شريف ۽ حمزا شهباز بينڪنگ ڪورٽ کان روانو ٿي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.