انفارميشن ٽيڪنالوجي وزارت فري لانسرز کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪھ) انفارميشن ٽيڪنالوجي بابت وفاقي وزير آءِ ٽي ايڪسپورٽرز کي خوشخبري ٻڏائي آهي.

انفارميشن ٽيڪنالوجي واري وفاقي وزير سيد امين الحق هڪ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري ۾ فري لانسرز جو اهم ڪردار آهي.

هن چيو ته آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ 2 ارب 10 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ حاصل ڪيا ويا جنهن مان فري لانسرز لاءِ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جي مد ۾ هڪ ارب ڊالرن جو هدف رکيو ويو آهي.

هن چيو ته اسپيڪٽرم جي نيلامي مقرر وقت تي ڪرائڻ جون تياريون به مڪمل ڪيون ويون آهن تنهنڪري ٽيلي ڪام آپريٽرز سروس جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ واڌو اسپيڪٽرم حاصل ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.