ڪورونا کان بچاءَ لاءِ دنيا جي پهرين ڊي اين اي ويڪسين لڳائڻ جي منظوري

ٻن سالن کان وٺي سڄي دنيا عالمي وبا ڪورونا وائرس جي وڪڙ ۾ آهي روز جي بنياد تي سڄي دنيا ۾ ڪورونا جا ڪيترائي ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته ٻي پاسي ڪورونا ويڪسينيشن جو عمل به تيزي سان جاري آهي.

ان حوالي سان ڀارت ۾ ڪورونا کان بچاءَ لاءِ دنيا جي پهرين ڊي اين اي ويڪسين لڳائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب منظور ڪيل ويڪسين زائيڪووڊي (ZyCov-D) کي مسلز بدران جلد ۾ انجيڪشن کان سواءِ داخل ڪيو ويندو آهي.

هڪ جائزي موجب ڊي اين اي ويڪسين هن وقت تائين ڪلينيڪل ٽرائل ۾ 67 سيڪڙو اثرائتي ثابت ٿي آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب زائيڪووڊي ڪورونا وائرس جي خلاف ڊي اين اي تي ٻڌل ڀارت ۾ تيار ڪيل دنيا جي پهرين ويڪسين آهي جيڪا 12 ورهين ۽ ان کان وڌيڪ عمر جي بالغ ماڻهن کي لڳائي ويندي.

ٻي پاسي آمريڪا ۾ ڪيل هڪ تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو اهي ته ڪورونا جو ڀارتي قسم ٻارن لاءِ وڌيڪ خطرناڪ ثابت ناهي ٿيو.

آمريڪي اداري سي ڊي سي جي تحقيق ۾ اها به خبر پئي آهي ته جون ۽ جولاءِ جي وچ ۾ ڪورونا وائرس جي شڪار ٿيل گھڻي قدر اهي نوجوان هئا جن ويڪسين نه لڳرائي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.