ڪراچي ايئرپورٽ تي عالمي معيار جو اي ٽي سي ٽاور تعمير ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ايئرپورٽ تي عالمي معيار جو جديد ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول (اي ٽي سي) ٽاور ۽ فائر اسٽيشن تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سو ل ايوي ايشن اٿارٽي ذريعن موجب موجوده اي ٽي سي ٽاور 50 سال پراڻو ٿي ويو آهي جنهن سبب نئين ۽ جديد اي ٽي سي ٽاور جي تعمير جو فيصلو ڪيو  ويو آهي.

ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته پراڻي ٽاور جي بلندي گھٽ هجڻ سبب جهازن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.

سول ايوي ايشن موجب نئون اي ٽي سي ٽاور 125 فٽ کان وڌيڪ بلندي تي تعمير ڪيو ويندو، ٽاور رن وي سميت جهازن جي پارڪنگ ۽ پش بيڪ ۾ مدد فراهم ڪندو.

ذريعن موجب اي ٽي سي ٽاور ۽ فائر اسٽيشن عالمي سول ايوايشن آرگنائيزيشن جي قانونن تحت قائم ٿيندو جڏهن ته نئين اي ٽي سي ٽاور ۾ ايريا ريڊار سينٽر کي به منتقل ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.