ڊي جي ”آءِ ايس آءِ“  ڪابل پهچي ويو

ڪابل (ويب ڊيسڪ) ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد سينيئر پاڪستاني اختيارين جي وفد سان گڏ ڪابل پهچي ويو.

ذريعن موجب دوري دوران پاڪستان اختياري طالبان قيادت سان پاڪ افغان سيڪيورٽي، اقتصادي ۽ ٻين معاملن تي ڳالهائيندا.

ٻي پاسي طالبان ترجمان بلال ڪريمي جو چوڻ هو ته گذريل ڏينهن نئين حڪومت بابت تاريخ جو نه ڪيو، نئين حڪومت جو اعلان جلد ڪنداسين.

سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنجشير وادي جي اولهه وارو حصو اڳ ئي ڪنٽرول ۾ اچي چڪو آهي جڏهن ته ان وادي جي اوڀر وارا علائقا به اسان جي ڪنٽرول ۾ آهن.

هن چيو ته افعانستان جي وڏي ضلعي پريان ۾ امن بحال ڪري چڪا آهيون، وادي گڏيل طور تي طالبان جي گھيري ۾ آهي.

سندس چوڻ هو ته ڪاپيسا جي رستي انابه ضلعي تي به اسان جو ڪنٽرول آهي، مخالفتن کي وڏو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته طالبان محفوظ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.