24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 79 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 79 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب فوتگين جو گڏيل انگ 26 هزار 114 ٿي ويو آهي.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريٽنگ سينٽر (اين سي او سي) طرفان جاري ڪيل تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 980 ڪورونا ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ ڪورونا جي گڏيل ڪيس جو انگ 11 لک 75 هزار 558 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 34 هزار 53 ڪورونا ٽيسٽ ڪيون ويون. گذريل 24ڪلاڪن ۾ ڪورنا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.21 سيڪڙو رهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.