ڪراچي ۾ برسات جو سلسلو وقفي وقفي سان جاري، ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي مختلف علائقن ۾سڄي رات وقفي وقفي سان برسات سبب روڊ تالاب جو ڏيک ڏئي رهيا آهن جڏهن ته شهر جي مختلف علائقن ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 4 ڄڻا فوت ٿيا آهن.
سڄي رات وقفي وقفي سان جاري رهندڙ برسات سبب شهر جا هيٺيان علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ روڊ به پاڻي ۾ ٻڏي ويا آهن جڏهن ته گاڏيون ۽ موٽر سائيڪلون خراب ٿيڻ سبب شهري پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.
شهراهه فيصل، ايم اي جناح روڊ، بلوچ ڪالوني، ايڪسپريس وي، جوهر موڙ، نيپا پل، سفاري پارڪ، لياقت آباد، گرومندر، ڪالا بورڊ، ملير هالٽ، سرجاني، ناگن چورنگي، حيدري، گارڊن ۽ قيوم آباد سميت شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ روڊن ۽ گھٽين ۾ بيٺو آهي.
برسات دوران ڪرنٽ لڳڻ جي واقعن ۾ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، پوليس موجب ڪلفٽن شاهه رسول ڪالوني ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب گھر ٻاهران کيڏندڙ 4 ورهين جي ٻارڙي فوت ٿي وئي.
واضح رهي ته برسات سبب سڄي سنڌ ۾ اڄ سمورا خانگي اسڪول بند رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته انٽر بورڊ جا اڄ ٿيندڙ امتحان ۽ ٻارهين جماعت جاپريڪٽيڪلز به ملتوي ڪيا ويا آهن، نئين تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.