باڊهه ۾ پ ٽ الف اڳواڻ جي گهر مان چوري

باڊهه ( ن ع آ  ) باڊھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ  وڏي وھڻي ۾ سينئر پرائمري استاد ۽ پ ٽ الف اڳواڻ نياز حسين راڄپر جي گهر مان نامعلوم چور گهر  کي کاٽ هڻي لکين رپين جو قيمتي سامان روڪ رقم ۽ رپيٽر چوري ڪري ويا, ان سلسلي ۾ متاثر استاد جو چوڻ هو ته رات جو نامعلوم چور گهر کي پويان کاٽ هڻي گهر پيل سونا زيور, پنجاھ هزار روپيه روڪ رقم ۽ هڪ عدد رپيٽر کڻي فرار ٿي ويا, هن چيو ته باڊھ پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو ويو هوڏانهن  متاثر استاد ۽ ڳوٺاڻن پاران پوليس سان ڳڏجي پيرين جي مدد سان چورن جو پيرو کنيو, جيڪو باڊھ موئن جو دڙو روڊ تي لڳڻ بعد گم ٿي ويو, ٻئي طرف رابطي ڪرڻ تي باڊھ پوليس ٻڌايو ته واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جلد چوري ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪيا ويندا

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.