ڪرونڊي لڳ ويگو جي ٽڪر ۾عورت فوت

ڪرونڊي (ن ع آ) ڪرونڊي  لڳ تيز رفتار ويگو جي ٽڪر ۾ عورت فوت سندس مڙس زخمي  مهراڻ نيشنل هاء وي تي ڪرونڊي ڀرسان محمد  شاه اسٽاپ تي تيز رفتار ويگو موٽر سائيڪل کي ٽڪر هنيو  جنهن جي نتيجي ۾ پيروسڻ جي علائقي جعفر خان جلالاڻي جا رهواسي طالب شنباڻي ۽ سندس زال رفيعت شنباڻي شديد زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جهڙي حالت ۾ مقائي ماڻهن ڪرونڊي جي نجي  اسپتال آندو  جتي  زخمن جا سور نه سهندي عورت رفيعت فوت ٿي وئي.  جڏھن ته  موٽر سائيڪل کي ٽڪر هڻندڙ ويگو فرار ٿي ويو  جڏھن ته فوتڻ عورت جو لاش وارث کڻائي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.