ماٿيلي ۾ 11 هزار تارن مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان فوت، لاش رکي ڌرڻو

ميرپور ماٿيلو ( رپورٽ: پريم راٺوڙ ) ميرپورماٿيلو جو رھواسي نوجوان شعبان شيخ بجلي جي 11 ھزار وولٽيج جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو، جڏهن ته وارثن پاران فوتي نوجوان جو لاش کڻي ايس ايس پي  آفيس اڳيان نيشنل هائي وي تي رکي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا جنهن سبب سنڌ، پنجاب ڏانهن ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، جنهن جي اڳواڻي، هادي بخش شيخ، علي شير شيخ، ممتاز شيخ، ۽ ٻين پُڻ ڪئي، هوڏانهن مظاهرين واپڊا عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي پُڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا کي ٻڌايو ته بجلي جي 11 ھزار وولٽيج جون تارون گھڻي وقت کان ھيٺ لٽڪي رھيون آھن اسان سيپڪو وارن ڪيترائي ڀيرا آفيس وڃي دانھيو پر انھن اسان جي دانھن تي غور نه ڪيو ۽ جنهن سبب  شعبان شيخ چوپائي مال جو گاھ ڪري کڻي اچي رھيو ھو ته لٽڪندڙ تارن ۾ اچي ويو ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب بيھوش ٿي ويو ھو جنھن کي سول اسپتال کڻائي آيا سون جتي ڊاڪٽرن ٻڌايو ته ھي فوت ٿي چڪو آھي، هنن وڌيڪ چيو ته ھي واقعو واپڊا عملي جي نااهلي سبب پيش آيو آهي ۽ فوتي جو ڪيس ايڪيسئن عبدالحق ڏاھاڻي سميت عملي تي داخل ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ميرپورماٿيلو پوليس پھچي فوتي نوجوان جي وارثن کي روڊ کولڻ لاءِ منٿون ڪيون پر ٽن ڪلاڪن تائين روڊ بند رهيو جنهن بعد پوليس فوتي جي وارثن جا مطالبا تسليم ڪندي روڊ کوليو ويو، هوڏانهن فوت ٿيل نوجوان جي ڀاءُ اختر شيخ جي فرياد تي واپڊا عملدارن ايس ڊي او محمد دين شيخ ۽ لائن سپريڊنٽ صادق ڊومڪي خلاد ڪيس داخل ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.