لاڙڪاڻي ۾ اغوا الزام هيٺ آيل ڌر جو بااثر جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ڏوڪري تعلقي جي ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو مان 16 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿي ويل نوجوان سعيد ڪلهوڙو واري  معاملي ۾ الزام هيٺ آيل ڌر پاران بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي رضوان علي عباسي پنهنجي وارثن علي انور، ارباب علي، علي محمد، محرم علي عباسي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيو ته گذريل 10 محرم الحرام جي ڏينهن منهنجو پٽ علي رضا ڳوٺاڻن سعيد احمد ۽ گدا حسين پير محبڻ سرڪار تي مجلس ٻڌڻ ويا جيڪي ڪافي دير ٿي وڃڻ جي ڪري هو گدا حسين مڪول جي ڳوٺ گاجي ديري ۾ رات ترسي پيا بعد ۾ سعيد احمد جي مامي مهتاب موبائيل فون تي پنهنجن ڀاڻجن سعيد ۽ گدا حسين مڪول سان ڳالهه ڪئي هئي ۽ 11 محرم الحرام جي صبح جو سوير گدا حسين پنهنجي موٽرسائيڪل تي سعيد ۽ علي رضا کي اسان جي ڳوٺ ڇڏي واپس هليو ويو ۽ سعيد پنهنجي سئوٽ فدا حسين سان مليو ۽ علي رضا ڳوٺاڻي عبدالوهاب سان ملي گهر هليو ويو. هن الزام لڳايو ته سعيد کي سندس پيءُ نازڪ عرف نازو، چاچن علي دوست، اويس، صالح ۽ لکهمير وارن مارڪٽ ڪري لڪائي ڇڏيو جنهن جي اغوا جو الزام منهنجي پٽ علي رضا مٿان لڳائي هو حد جي ايئرپورٽ ٿاڻي تي سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ چاهن ٿا جنهن معاملي سان اسان جو ڪو به واسطو ان جي باوجود اسان کي تنگ ڪيو پيو وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته سعيد احمد واري معاملي جي شفاف جاچ ڪرائي الزام لڳائيندڙ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.