کنڀي گم ڪيل ذاڪر سهتو کي آزاد ڪريو، نوابشاهه ۾ احتجاج

نوابشاهه(ڊ ر) 19 ڏينھن اڳ روزگار سانگي ويل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف جسقم جساف نوابشاھه پاران اڄ 19ھين ڏينهن به سرفراز ميمڻ، راشد چانڊيو، سيد ناصر  شاهه، حنان عباسي، فرحان کوسو، سندس ڀاءُ ايڊوڪيٽ صابر سھتو جي اڳواڻي ۾ نوابشاھه پريس ڪلب آڏو علامتي بک ھڙتال ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي انھن چيو ته ڪراچي مان جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو کي 19 ڏينهن گذري ويا آھن جنھن جو ھن وقت تائين ڪوبه ڏس پتو نه ملي سگھيو آھي، ھنن چيو ته جبري طور کنڀي گم ڪيل شاگرد اڳواڻ ذاڪر سھتو ھڪ پرامن شاگرد آھي جيڪو ڪنھن به غير قانوني سرگرمي ۾ ملوث ناھي جيڪڏھن مٿس ڪو ڪيس داخل آھي ته قانون مطابق ان کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.