ڇا آمريڪا سچ پچ هارايو آهي؟

تحرير: نذير سومرو

ماڻهو چون ٿا آمريڪا هارائي ويو، هو رات جي اونداهيءَ ۾ ڀڄي ويو. منهنجي نظر ۾ اها ڊرامي جي هڪ قسط جي پڄاڻي ۽ ٻيءَ قسط جي شروعات آهي. آمريڪا طالبان جي شڪل ۾ اتي ئي موجود هوندو. هي ڊرامو جيڪو 1978 ۾ افغان ثور انقلاب وقت لکيو ويو. جنهن جو ليکڪ، اسپانسر ۽ هدايتڪار آمريڪا بقلم خود آهي. ان ڊرامي ۾ وقت به وقت تبديليون ڪري ڊگهو ڪيو وڃي ٿو. هن قسط ۾ ڊرامي جا هيرا ولين ۽ ولين هيرا ٿي سگهن ٿا.

جنگ هڪ آرٽ آهي، جنگ هڪ سائنس آهي. اسان ماڻهو مارڻ کي جنگ ڪوٺيندا آهيون ڇو ته اسان جنگ مان نه ڄاڻون. جنگ ۾ پروپيگنڊا جو وڏو عمل دخل هجي ٿو جنهن جي اسان کي خبر ئي ڪونهي. ائين کڻي سمجهجي ته پروپيگنڊا کان سواءِ جنگ ڪجهه ڪونهي.

ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا باقي ماڻهو نه سمجهندي ان مطابق ڳالهائين پيا جيڪو کين پردي تي ڏيکاريو پيو وڃي. وڏي ڳالهه اها ته ان جو اڳي پوءِ  فائدو به آمريڪا کي ئي ٿيڻو آهي. پر اسين جنگي مارڪيٽنگ کان اڻ واقف هجڻ ڪري اصل حقيقت کي نه پيا سمجهون.

جنگ ۾ دشمن کي جذباتي ڪرڻ، گمراهه ڪرڻ وڏا هٿيار هجن ٿا. ڪٿي پاڻ کي هيٺاهون ڏيکارڻ، ڪٿي مٿاهون ڏيکارڻ به جنگ جا گر هجن ٿا. 2001 ۾ جڏهن ٽريڊ سينٽر جي تباهيءَ جو الزام هڻي اسامه بن لادن (جيڪو به انهن جو ئي ماڻهو هو) ڳولهي مارڻ جي بهاني افغانستان تي حملو ڪيو ويو تڏهن جي بچاءُ واري وزير رمسفيلڊ (جنگ شروع ڪرڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ ) چيو هو ته دشمن اندازي کان وڌيڪ طاقتور آهي جڏهن ته ڳالهه بلڪل ان جي ابتڙ هئي. آمريڪا جي سامهون/ طالبان وٽ موجود هٿيار اهي ئي هئا جيڪي سوويت يونين سان گوريلا ويڙهه وقت آمريڪا پاران ڏنل هئا يا ڀرپاسي جي ملڪن مان هٿ ڪيل هئا جيڪي ڪڏهن به آمريڪي هٿيارن جي مٽ ثاني ڪونه هئا. پوءِ  به دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ حملي جي شروعات پري کان ڪروز ميزائيل اُڇلي ڪئي ويئي پوءِ  بي-52 استعمال ڪيو ويو جنهن جو ٽوڙ به انهن وٽ ڪونه هو جنهن کان پوءِ  ايف 16. آخري طور تي ڳالهه اها ته جيڪڏهن پهريون ئي ايف-16 ستعمال ڪيو وڃي ها ته به طالبان وٽ ان جو جواب ڪونه هجي ها پر جيئن ته هٿيارن جي سيريز آزمائڻي هئي ۽ دشمن کي ان خوشفهميءَ ۾ رکڻو هو ته مقابلو برابر جو آهي ۽ اوهين به ”حريف“ آهيو تنهنڪري اهو سڀ ڪيو ويو. ان جو ٻيو فائدو اهو ٿيو ته دنيا کي هڪ پيغام ويو ته هي ئي اصل هئا جن سوويت يونين کي شڪست ڏني ۽ هاڻي آمريڪا سان ”برابر“ وڙهي رهيا آهن. آمريڪا انهن مٿان ظلم ڪونه پيو ڪري. ان وچ ۾ هڪ ٻي چال کيڏي ويئي ۽ اهو بحث باقائدا هيٺ لاٿو ويو ته هوائي جنگ ۾ آمريڪا ڏاڍو آهي پر زميني جنگ ۾ طالبان سان خاص ڪري جابلو علائقن ۾ مقابلو نه ڪري سگهندو ۽ آخر سوويت يونين وانگر گوڏا کوڙيندو. ڪيترن ته مٺائي ورهائڻ وارا ماحول پئي ٺاهيا. ان سموري ڪارروائي پويان وري دنيا کي برابريءَ واري جنگ کان اڳتي ”هوائي ڏاڍي ۽ زميني هيڻي“ واري نهايت دلچسپ جنگ ڏسڻ جو شبهو ڏياريو ويو.

هوائي حملا ڪري ”ميزائيلي امڪاني“ طاقت ختم ڪرڻ کان پوءِ  آمريڪا جڏهن زميني جنگ شروع ڪئي ته دنيا حيران رهجي ويئي. دنيا ڏٺو ته ڪهاڻيءَ جو ڪلائيميڪس اهڙو رکيو ويو جو سڀ حيران ٿي ويا. آمريڪا زميني جنگ به جهاز ۾ ويهي وڙهي. جنهن وري هڪ دفعو دنيا جي ذهنن تي آمريڪا جي نفسياتي برتري جي مهر هڻي ڇڏي. اها مهر بلڪل ان مهر وانگر هئي جيئن ٻي جنگ عظيم ۾ گوڏا کوڙي ويٺل جاپان مٿان ”هروڀرو“ ايٽم بم اڇلائي ”وننگ هٽ“ هنئي ويئي هئي.

رهي ڳالهه پنهنجا ماڻهو مارائڻ ۽ پيسو خرچ ڪرڻ جي، اهو سڀ جنگ جي مارڪيٽنگ جو حصو آهي. جيڪو هر بزنس مين ڪندو آهي. واپاري جنهن جو نه ڪو دين نه ايمان هجي ٿو. هٿيارن جي هن واپاريءَ ڪميونزم خلاف هن کان الائي ڪيترا دفعا وڌيڪ خرچ ڪيو هو جنهن جو کٽيو هن اڪيلي شينهن واري زندگي گذاري پئي کاڌو آهي ان لاءِ جدا ڪيترن ڪتابن جيترو مواد موجود آهي. ان وقت آمريڪي صدر آئزنهاور چيو هو ته مقابلو خدا کي مڃيندڙن ۽ ان جي وجود جي انڪارين وچ ۾ آهي جنهن تي اسان جهڙا سوچ سمجهه کان عاري جهمريون هڻندي پهچي ويندا هئا جنهن جي ”مزوري“ بروقت ادا ٿيندي هئي. جڏهن ته افغان جنگ جي شروعات وقت (سوويت يونين کان پوءِ ) ان وقت جي اسٽيٽ سيڪريٽري ڪولن پاويل چيو، مقابلو سولائيزڊ (سڌريل) ۽ نان سولائيزڊ (اڻ سڌريل) ماڻهن/قومن جي وچ ۾ آهي.

تنهنڪري نقصان پيسي جو هجي يا ماڻهن جو ان جو ڪاٿو سيڙپڪار ڪونه لڳائيندا آهن خاص ڪري هٿيارن جا واپاري. منهنجي حساب ۾ هن ڊرامي جون چار قسطيون هيون جنهن مان ويهه ويهه سالن جون ٻه هلي چڪيون ٽين شروع آهي. هيءَ قسط ڏه-ٻارنهن سالن جي آهي. هن قسط ۾ جيڪو سماج وڌيڪ ڀوڳيندو اهو اسان جو سماج ئي هوندو جنهن ۾ طالبان جي هُشيءَ تي شريعت جي نفاذ جي نالي ۾ ايتري گڙٻڙ ڪرائڻ به شامل آهي جنهن جو انت شايد گهرو ويڙهه جهڙو وڃي بيهندو.

اسان جي حڪمرانن جون سڀ غلطيون هاڻي گڏ ٿي اسان مٿان هڪ ئي وقت عذاب نازل ڪنديون جنهن جو ڪو انت ڪونه هوندو ٻئي طرف وچ اوڀر جا ملڪ ڳالهه کي بلڪل ائين سمجهي ويا آهن جيئن ڪولن پاويل جي هڪ فون کان پوءِ  اسان جي ان وقت جا حڪمران سمجهي ويا هئا شايد انهن کي به ڍڪيل لفظن ۾ اهو ئي چيو ويو آهي ته نئون ورلڊ آرڊر اچي پيو تنهنڪري ”اسان سان آهيو يا کنڊرات لاءِ تيار آهيو“ جنهن جو نتيجو انهن لاءِ يورپين سماج جهڙو جڙندڙ سماج هوندو تنهنڪري اڳي جي مقابلي هاڻي انهن مان ڪو اسان جو والي وارث به ڪونه ٿيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.