سردار عطا الله مينگل: هڪ دؤر جي پڄاڻي!

سردار عطا الله مينگل جي لاڏاڻو ڪري وڃڻ سان هڪ دور جي پڄاڻي ٿي آهي. هو تاريخ ساز شخصيت نه هو پر پاڻ هڪ تاريخ هو. سردار رسول بخش مينگل جو هي فرزند ننڍي عمر ۾ مينگل قبيلي جو سردار بڻيو هو ۽ پوءِ سندس سڄي حياتي ان سرداري نظام جي خلاف وڙهندي گذري.

عطا الله مينگل، مرحوم حاصل بزنجو جي والد ۽ مشهور بلوچ ترقي پسند اڳواڻ مير غوث بخش بزنجو جي چوڻ تي سياست ۾ آيو ۽ چونڊن ۾ بهرو ورتو. 1956ع ۾ اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ۾ ڪامياب ٿيو پر ٻن سالن کانپوءِ صدر اسڪندر مرزا آئين کي معطل ڪري مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي ۽ ايئن جنرل ايوب اقتدار تي قابض ٿي ويو. سردار عطا الله ان مارشل لا جي مخالفت ڪئي جنهن نتيجي ۾ کيس جيل وڃڻو پيو. اڳتي هلي ون يونٽ جي مخالف تي غداري جي مقدمي ۾ گرفتار ڪيو ويو. ياد رهي ته هي اهو دور هو جڏهن قائد جمهوريت ذوالفقار علي ڀٽو، جنرل ايوب جي ڪابينا ۾ وزير هو.

جمهوريت پسندن ۽ قومپرست اڳواڻن تي ٻڌل جماعت نيشنل عوامي پارٽي (نيپ) جي پليٽ فارم تان هن 1970ع جي چونڊن ۾ حصو ورتو. نواب خير بخش مري ۽ غوث بخش بزنجو جي حمايت سان وڏو وزير چونڊجي ويو. جمعيت علماءِ اسلام سان سندس چونڊ اتحاد هو جنهن جي نتيجي ۾ مولانا فضل الرحمان جو والد مفتي محمود سرحد صوبي جو وڏو وزير بڻيو هو.

عطا الله مينگل بلوچستان جو پهريون وڏو وزير هو. پر رڳو ڏهن مهينن تائين ان عهدي تي رهيو پر بلوچستان جي تاريخ جو اهو هڪ مثالي ۽ يادگار دور هو. هن تعليم تي ڌيان ڏنو، بلوچستان جو تعليمي بورڊ، بولان ميڊيڪل ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪيا. ان وقت نواب خير بخش مريءَ بلوچستان مان سرداري نظام جي انت لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن جي اختيار ۾ هو تنهن ڪري سمري وفاقي حڪومت ڏانهن موڪلي وئي پر ذوالفقار علي ڀٽي ان تي عمل نه ڪيو. اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽي، عطا الله مينگل جي حڪومت ئي ختم ڪري ڇڏي. 10 فيبروري 1973ع تي سيڪيورٽي فورسز، اسلام آباد جي عراقي سفارتخاني مان هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي جنهن بابت چيو پئي ويو ته اهي هٿيار بلوچ مزاحمت ڪارن لاءِ موڪليا پئي ويا.ان کي بنياد بڻائي 13 فيبروري تي بلوچستان ۾ ٽيهه ڏينهن لاءِ صدارتي نظام لاڳو ڪري نواب اڪبر بگٽي کي گورنر بڻايو ويو ۽ بلوچستان تي فوجي چڙهائي ڪئي وئي. جڏهن ته سردار عطا الله مينگل جو چوڻ هوندو هو ته ڀٽو پهرين ڏينهن کان ئي نيپ جي حڪومت ٺهڻ جي حق ۾ نه هو. بهرحال اسٽيبلشمينٽ کي خوش ڪرڻ لاءِ حب الوطني جو ڪارنامو ڏيندڙ نواب اڪبر بگٽي ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جو انجام به پوءِ سڀني ڏٺو.

خان عبدالولي خان، افرسياب خٽڪ، حبيب جالب، غوث بخش بزنجو، عطا الله مينگل ۽ نواب خير بخش مري سميت نيپ جا ڪيترائي اڳواڻ گرفتار ڪري سندن مٿان حڪومت خلاف سازش جا ڪيس هلايا ويا. ان مقدمي کي حيدرآباد سازش ڪيس جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي.

عطا الله مينگل جي ڪراچي ۾ اسيري دوران 6 فيبروري 1976ع تي سندس پٽ اسد مينگل جي گمشدگي جو واقعو ٿيو. سنڌ جي وڏي وزير غلام مصطفيٰ جتوئي کي تڏهن جي صوبائي انسپيڪٽر جنرل پوليس ٻڌايو هو ته سردار جي پٽ کي بلخ شير مزاري جي گهران اغوا ڪيو ويو آهي پر اهو پتو نه پئجي سگهيو آهي ته کيس اغوا ڪندڙ ڪهڙا ماڻهو هيا. ان ڏينهن وزيراعظم پشاور ۾ هو. ان آرمي چيف جنرل ٽڪا خان کي پشاور جي گورنمينٽ هائوس ۾ گهرايو ۽ کيس اسد الله مينگل جي اغوا جي خبرن سان ڀريل اخبارون ڏيکاريون. جنرل ٽڪا خان کيس ڏک مان ٻڌايو ته فوج جهالاوان ۽ ساراوان ۾ شرانگيزي جي خاتمي لاءِ اسد الله مينگل کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان مقصد لاءِ ايس ايس پي جي هڪ ٽيم ڪراچي ۾ کيس پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن جواب ۾ فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ اسد الله مينگل ۽ ان جو ساٿي زخمي ٿيا، کين پوليس گاڏي ۾ وجهي ٺٽي ڏانهن نيو پئي ويو ته رستي ۾ ٻنهي ڄڻن دم ڏنو. کين ٺٽي جي ويجهو دفن ڪيو ويو. ڀٽو صاحب کانس پڇيو ته جيڪڏهن اسد الله مينگل کان پڇا ڳڇا ڪرڻي هئي ته سنڌ حڪومت کان گرفتاري ڪرائي قانون موجب ڪارروائي ڇو نه ڪئي وئي؟ جنهن جو جواب جنرل ٽڪا خان وٽ نه هو. وزيراعظم جي پڇڻ تي جنرل ٽڪا خان وڌيڪ ٻڌايو ته اها ڪارروائي جنرل ضياء الحق، جنرل ارباب جهان زيب ۽ جنرل اڪبر سان گڏ آءِ ايس آءِ جي ڊي جي، جي مرضي سان ٿي هئي. تنهن تي وزيراعظم حڪم ڏنو ته ترت ئي انهن جا لاش سندن وارثن جي حوالي ڪيا وڃن. ٻئي ڏينهن تي راولپنڊي ۾ جنرل ضياءَ الحق، وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي سان ملاقات ڪئي ۽ کيس چيو ته ملڪ جي مفاد ۾ ان واقعي کي منظرعام تي نه آندو وڃي ڇاڪاڻ ته ان سان فوج بدنام ٿيندي. تنهن ڪري حڪومت اسد الله مينگل جي باري ۾اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪري ۽ چوي ته اسد جن افغانستان فرار ٿي ويا آهن.

سو جنرل ضياء ۽ ان جي ساٿين خلاف ڪارروائي نه ٿي. عطا الله مينگل کي سندس پٽ جي قبر جي خبر نه پئجي سگهي، ورهيه گذري ويا، اسد مينگل جو نه لاش مليو ۽ نه ئي سندس جيئري هئڻ جي ڪا پروڙ پئي. اسد مينگل جو  ڳاڻيٽو بلوچستان جي جبري طور گم ٿيلن پهرين ڪارڪنن ۾ ٿيندو آهي.

جنرل ضياء الحق، ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪرڻ کانپوءِ سڀ کان اڳ ۾ حيدرآباد سازش ڪيس جي اسيرن سان ملاقات ڪري کيس ٻڌايو ته ساڻن واقعي به ظلم ۽ زيادتي ٿي آهي تنهن ڪري سڀني کي آزاد ڪري ڇڏيائين. آزادي کانپوءِ عطا الله مينگل لنڊن هليو ويو ۽ ورلڊ بلوچ آرگنائيزيشن قائم ڪيائين. 1996 ۾ واپس وطن وريو ۽ بي اين پي قائم ڪيائين. 1997ع جي چونڊن ۾ سندس پٽ اختر مينگل مسلم ليگ (ن) جي حمايت سان وڏو وزير بڻيو ۽ پاڻ عملي طور سياست مان رٽائر ٿي ويو. آخر۾ هن ميڊيا سان به ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو ايستائين جو بي بي سي جهڙي نشرياتي اداري کي به انٽرويو ڏيڻ کان جواب ڏنائين ته مان رڍن آڏو رباب وڄائڻ نٿو چاهيان.

سردار عطا الله مينگل ته هن دنيا مان هليو ويو پر تاريخ اهو سوال ضرور پڇي ٿي ته اُهو محب وطن بلوچ جيڪو هميشه چوندو هو ته جيڪڏهن خدانخواسته پاڪستان کي ڪجهه ٿيو ته اسان بلوچستان جو نالو ئي پاڪستان رکي ڇڏينداسين تنهن کي زندگي جي آخري ڏينهن ۾ اهو ڇو چوڻو پيو ته اسان ناراض نه پر بيزار ٿي ويا آهيون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.