مهانگائي سبب ماڻهو خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهن: بلاول

اوٻاوڙو (رپورٽ: عبدالحئي ڇڄڻ ) اوٻاوڙي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ۽ سنڌ ڪابينا جا اھم وزير ۽ پارٽي اڳواڻ سينيٽر ڄام مھتاب حسين خان ڏهر وٽ  بشيرآباد ۾ مختصر دوري تي پھتا، ان موقعي تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪارڪنن کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ غريب بي پهچ عورتن لاءِ منصوبا جوڙيا آهن،  عمران حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي سبب غريب ماڻهن کي خود ڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، غريب عوام جي دلين تي اڄ به پيپلزپارٽي جو نالو آهي سينيٽر ڄام مھتاب حسين ڏهر پاران بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي موقعي تي ميڊيا سان لاڳاپيل صحافين لاءِ ڪو به پاس جاري نه ڪيو ۽ ڄام ھائوس تي صحافين لاءِ اھو چئي کٿو جواب ڏنو ته سيڪيورٽي رسڪ آهي، بلاول ڀٽو زرداري جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا هئا. سڄي ضلعي ۾ ھائي الرٽ جو حڪم جاري ٿيل ھيو، بلاول ڀٽو زرداري جي اوٻاوڙو آمد جي موقعي تي پ، پ، ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ ۽ پ  پ  سينيٽر ڄام مھتاب حسين ڏهر وچ ۾ اختلاف پڌرا ٿي ويا،  خالد آباد ۾ ڄام مھتاب حسين ڏهر غائب رهيو ۽ پاسيرو ٿي ويو ۽ جڏهن بلاول ڀٽو زرداري اوٻاوڙي آيو ته خالد احمد لنڊ ڄام ھائوس بشير آباد نه آيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.