چمڙي تي داڻا نڪرڻ جا سبب ۽ حل

 

انسان جي چمڙي تمام حساس هوندي آهي، چمڙي ۾ اُس جي گرمي، ٿڌ يا ڪنهن به قسم جي ڪيميائي ري ايڪشن کي برداشت ڪرڻ جي سگهه تمام گهٽ هوندي آهي.

جيڪڏهن ماڻهو پنهنجي چمڙي جو خيال نه رکي ته اهو ڪيترن ئي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ چمڙي جي بيمارين مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو آهي.

چمڙي جي بيمارين مان سڀ کان عام بيماري داڻا نڪرڻ آهي، اهي مختلف قسمن جا داڻا هوندا آهن جيڪي ڪڏهن ڪڏهن پيٽ ۾ ٿيندڙ گرمي جي ڪري به ٿي پوندا آهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن موسمي تبديلين جي ڪري به ٿي پوندا آهن.

انهن داڻن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي ۽ اهي ٿيندا ڇو آهن اهو سڀ ڪجهه هيٺ پڙهي سگهجي ٿو.

داڻن نڪرڻ جا سبب ڪيترائي هوندا آهن داڻا نڪرڻ جو سڀ کان وڏو سبب ڄاڻي توهان حيران ٿي ويندا، شيمپو ۽ ڪنڊيشنر جو استعمال داڻا نڪرڻ جو وڏو سبب بڻجي سگهي ٿو، ڪجهه شيمپن ۽ ڪنڊيشنر ۾ تيل جو گهڻو مقدار ملندو آهي جيڪو وارن کي تازو رکڻ لاءِ ملايو ويندو آهي ان سان وار ته تازا ٿي ويندا آهن پر ان دوران شيمپو جسم جي مختلف عضون تي لڳندو آهي جنهن جي ڪري داڻا نڪرندا آهن.

انڪري جيڪڏهن توهان وهنجڻ وڃو ته سڀ کان پهريون پنهنجو مٿو صاف ڪيو ۽ انکانپوءِ وهنجو ته جيئن جسم تي پيل شيمپو جو سڻڀ ختم ٿي وڃي.

اهڙن شيمپن کان به پاسو ڪيو جن ۾ گهڻو تيل يا سڻڀ هجي.

گهٽ سڻڀ واري کير سان به داڻا نڪرندا آهن، بازار ۾ ملندڙ گهٽ سڻڀ وارو کير ان مقصد جي لاءِ سٺو ناهي تنهنڪري ان کير جو استعمال نه ڪيو پر فائبر عذائن جو استعمال ڪيو، ان کانسواءِ مڇي، گوشت، انڊن ڏهي ۽ سبزين جو استعمال ڪيو.

جيئن جيئن انسان جي عمر وڌندي آهي ان جي جسم ۾ شگر جذت ڪرڻ جي صلاحيت گهٽبي ويندي آهي ۽ جسم ۾ سڻڀ جو مقدار وڌندو ويندو آهي، اهڙي صورت ۾ اهڙين شين جو استعمال ڪيو وڃي جن ۾ سڻڀ جو مقدار تمام ٿورو هجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.