ٽنڊومستي واسي نوجوان ٽرالر جي ٽڪر ۾ فوت

ٽنڊومستي (ن ع آ ) ٽنڊومستي ڀرسان پير سيد عبدالقادرشاھ جيلاني واسي 30 ساله نوجوان ريحان پٽ پرويز علي سدهو پنجابي ڳوٺ کان خيرپور وڃي رھيو ھو ته خيرپور لڳ  قومي شاهراهه شاھ حسين باء پاس تي تيز رفتار ٽرالر جو ٽڪر لڳو جنھن جي نتيجي ۾ نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو واقعي واري ھنڌ شاھ حسين ٿاڻي جي پوليس پھچي نوجوان جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪرايو.  جتان ضروري ڪاروائي بعد نوجوان جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف فوتي نوجوان جو لاش جڏهن اباڻي ڳوٺ پهتو ته گھرن اندر ڪھرام مچي ويو ھوڏانھن شاهه حسين ٿاڻي جي پوليس ٽرالر کي ڊرائيور سميت پڪڙي پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.