آزادي پسند ڪشميري اڳواڻ علي گيلاني جي فوجي پهري ۾ تدفين

سرينگر (م ڊ) غير قانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مودي جي فسطائي حڪومت باباءِ حريت سيد علي گيلاني جي ڪٽنب کي مرزا شهداء عيرگاهه سرينگر ۾ بزرگ اڳواڻ جي  تدفين جي اجازت نه ڏني. ڪشمير ميڊيا مطابق سيد علي گيلاني جي ڪٽنب سيد علي گيلاني جي آخري رسمن جون تياريون ڪري رهيا هئا ته ڀارتي فورسز جي وڏي نفري سرينگر ۾ ان جي رهائشگاهه تي ڇاپو هڻي ڪٽنب کي هراسان ڪيو ۽ سيد علي گيلاني جي ميت زبردستي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏي. ڪٽنب جڏهن پوليس کي شهيدن جي عيدگاهه واري قبرستان ۾ تدفين جي باري ۾ ان جي آخري خواهش بابت ٻُڌايو ته کين چيو ويو ته سندس مرضيءَ مطابق تدفين جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. ان دوران مزاحمت تي پوليس سيد علي گيلاني جي پٽ ۽ ننهن تي تشدد ڪيو. بعد ۾ سيد علي گيلاني جي ميت کي حيدر پوره سرينگر جي قبرستان ۾ رات جي اونداهيءَ ۾ خاموشيءَ سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏهن سيد علي گيلاني جي ميت کي سوڳوارن سرينگر جي علائقي حيدر پوره ۾ مرحوم جي رهائشگاهه تي پاڪستاني جهنڊي ۾ ويڙهيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق سوڳوارن ان موقعي تي ”اسان ڇا چاهيون ٿا، آزادي، اسان پاڪستاني آهيون ۽ پاڪستان اسان جو آهي“ جا نعرا لڳايا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.