ناليوارو اديب، شاعر غلام حسين رنگريز وڇڙي ويو، سنڌ ۾ ڏک جي لهر

ميرپوربٺورو( رپورٽ: شوڪت سومرو)سنڌ جو ناميارو اديب، شاعر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو اڳوڻو مرڪزي جنرل سيڪريٽري غلام حسين رنگريز لاڏاڻو ڪري ويو، رنگريز کي 21 آگسٽ تي ساهه جي تڪليف سبب سول اسپتال ڪراچي داخل ڪيو ويو هو جتي هن جي ساه جو سڳو ٽٽي پيو، سندس مڙهه ڪراچي کان ميرپوربٺورو آندو ويو جتي سندس لاڏاڻي جو ٻڌي شهر ۾ سوڳ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ موڪل ڪئي ويئي، رنگريز جي لاڏاڻي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سجاول پاران عدالتي ڪارروايون معطل ڪيون ويون، غلام حسين رنگريز جي تدفين ميرپوربٺورو جي ميون عبدالله قبرستان ۾ ڪئي وئي، واپارين  ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو، رنگريز جي جنازي نماز ۾ جسقم آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، تاج جويو، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ، سميت سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن، صحافين، واپارين، وڪيل برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن غلام حسين رنگريز جي لاڏاڻي تي ايس يو پي سربراهه جلال محمود شاهه،  قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي، جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي چيئرمين اسلم خيرپوري، جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور ۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪندي رنگريز جو لاڏاڻو هڪ وڏو قومي نقصان قرار ڏنو آهي، اڳواڻن چيو  ته رنگريز جي وڇوڙي سان سنڌ ھڪ وڏي اديب شاعر کان محروم ٿي وئي آهي، رنگريز جو وڇوڙو سنڌي ادب ۽ قوم جو نقصان آھي، جنهن سان علم، ادب ۽ فڪر جي دنيا ۾ هڪ وڏو خال پيدا ٿيندو، هنن چيو ته سائين غلام حسين رنگريز سڄي حياتي قومي تحريڪ جي تمام ويجھو رھيو، جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، نواز خان زئور چيو ته هو اسان جو استاد هو ۽ هن ادب توڙي سياست ۾ مون سميت ڪيترائي شاگرد پيدا ڪياٻئي پاسي سنڌ جي اديبن شاعرن ليکڪن دانشورن ادل سومرو، اياز گل، نصير مرزا، تاج جويو، وسيم سومرو، اظھار سومرو، بخشل باغي، ماڻڪ ملاح،  اسد ڪيريو، معشوق ڌاريجو، غلام حسين خاصخيلي ڊاڪٽر پريم تعزيت جو اظھار ڪيو آھي.

سنڌي ادبي سنگت پاران 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان

ميرپوربٺورو:سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران سائين غلام حسين رنگريز جي وڇوڙي تي 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ، سنڌ سوڳوار ۽ اداس خبر موجب سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل احمد سولنگي ، جوائنٽ سيڪريٽري سيد اعجاز شاه ،  ڊاڪٽر رخسانه پريت ، خزانچي مارو جمالي ، آڊيٽر سجاد ميراڻي ، مرڪزي پريس ترجمان آزاد انور ڪانڌڙي گڏيل پريس بيان سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل سنڌ جي نامياري شاعر اديب غلام حسين رنگريز جي اوچتي وڇوڙي تي سنڌي ادبي سنگت سنڌ پاران 3 ڏينھن سوڳ جو اعلان ڪندي سمورين شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين کي اپيل ڪئي آھي ته 5 سيپٽمبر آچر تي سڄي سنڌ ۾ تعزيتي ميڙاڪا ڪوٺائي غلام حسين رنگريز کي ڀيٽا پيش ڪئي وڃي ، ھنن چيو آھي ته غلام حسين رنگريز جي وڇوڙي سبب سنڌ سوڳوار ۽ اداس آھي ، غلام حسين رنگريز سنڌ جو باضمير روشن ۽ ترقي پسند شاعر اديب مترجم نثر نويس ۽ اسڪالر ھو ،  سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل جي حيثيت ۾ ھن سنڌي ادبي سنگت سنڌ کي سرگرم ۽ فعال بنائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، هوڏانهن سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري جنرل پريل دايو، نذير ناز، خاڪي جاني ۽ ٻين چيو ته غلام حسين رنگريز جي لاڏاڻي سان سنڌي ادب کي وڏو نقصان ٿيو آهي.

ثقافت کاتي ڪا به مدد نه ڪئي، سوشل ميڊيا تي گوڙ بعد سول اسپتال ۾ داخلا ملي

ميرپوربٺورو: ثقافت کاتي سنڌ سائين غلام حسين  رنگريز کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو، 21 آگسٽ تي رنگريز جي طبيعت ناساز ٿيڻ سبب کيس ڪراچي منتقل ڪيو ويو جتي کيس ڪنهن به اسپتال ۾ بيڊ نه پئي ملي سگهيو جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي اٿاريل آواز سبب حڪومت سول اسپتال جي جنرل وارڊ ۾ رنگريز کي داخل ڪرايو جتي ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر سندس عيادت ڪئي انھي کان علاوه ثقافت کاتي ڪو به سهڪار نه ڪيو

غلام حسين رنگريز 1948ع ۾ جنم ورتو، ليڪچرار تان ريٽائرمينٽ بعد وڪالت ڪئي

ميرپوربٺورو:غلام حسين رنگريز 18 اپريل 1945  تي ميرپوربٺورو ۾ شفيع محمد کٽي جي گهر ۾ جنم ورتو، بنيادي تعليم ميرپوربٺورو مان حاصل ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي مان پوليٽيڪل سائنس ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪئي، 1963 ۽ پرائمري استاد مقرر ٿيو ۽ 1984 ۾ ٽيچر ٽريننگ ڪاليج فار مين ميرپوربٺورو ۾ ليڪچرر مقرر ٿيو، جتي 1994 مان رٽائرمنٽ وٺي 1995 کان وڪالت جي باقاعدي شروعات ڪئي ۽ آخر تائين وڪالت واري پيشي سان لاڳاپيل رهيو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.