سوئي گئس جي برطرف ملازمن جا مختلف شهرن ۾ مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا) سئي سدرن گيس ڪمپني مان تازو برطرف ڪيل ملازمن پاران جوڙيل ملازم بحالي ايڪشن ڪميٽي جي سڏ تي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون  ملازمن جي بحالي لاءِ مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙن روشن شيخ، جميل احمد، عطاء الرحمان، فرحان ۽ ٻين چيو ته سئي سدرن گئس ڪمپني کين ملازمت مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي، هنن چيو ته سندن مقرري نج ميرٽ تي ٿي هئي هنن ڪيتروئي وقت ايمانداري سان ڊيوٽي سرانجام ڏني پر هاڻي سندن مقرري کي غير قانوني ڄاڻايو ويو آهي، هنن چيو ته اهڙي دور ۾ جڏهن هر ماڻهو مهانگائي سبب سخت پريشان آهن کين نيڪالي ڏني وئي آهي، هاڻي سندن ٻچا بک ۽ بدحالي جي ورچڙهي ويا آهن، هوڏانهن سئي سدرن گئس ۽ مختلف وفاقي کاتن مان 16000 ملازمن جي جبري برطرفي خلاف پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپيئن پاران ميرپوربٺورو پريس ڪلب ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ پورهيتن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي مظاهري کي خطاب ڪندي سئي گئس جي برطرف ملازم بشير احمد سمون، حاجي موسا کٽي، پاڪستان ٽريڊ يونين ڊفينس ڪيمپيئن جي ڪامريڊ جبار زئور ،شهري اتحاد جي ڏاڏا اسماعيل شورو قومي عوامي تحريڪ جي يوسف ڪنڀار ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته آرڊيننس 2010 فورن بحال ڪري هزارين ملازمن جو معاشي قتلام بند ڪيو ، ڪراچي ۾ به برطرف ٿيل ملازمن جي وڏي انگ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.