هالا: اسڪارپ ايريگيشن ٽيوب ويل ورڪرز يونين ۾اختلاف وڌي ويا، احتجاج

هالا جي اسڪارپ ايريگيشن ٽيوب ويل ورڪر يونين جي اڳواڻن ۾ اختلاف چوٽ چڙهي ويا،گذريل ڏينهن هڪ گروپ پاران اسڪارپ ايريگيشن جي ڪلرڪن ۽ آفيسرن خلاف ڪيل مظاهري کان پوءِ ٻئي گروپ پاران آفيسرن  ۽ ڪلرڪن جي حق ۾ اسڪارپ ايريگيشن آفيس جي اڳيان مظآهرو ڪيو ويو،  يونين اڳواڻ رسول بخش ڏاهري، عبدالله ڏاهري، ڌڻي پرتو ٻگهيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪندڙن  صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسڪارپ ايريگيشن ٽيوب ويل ورڪر يونين جا ڪجهه اڳواڻ اسڪارپ ايريگيشن جي آفيسرن کي بليڪ ميل ڪري پنهنجا ذاتي ۽ ناجائز مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهن جيڪو عمل سراسر غلط آهي، اسان جا آفيسرن سان ڪي به اختلاف نه آهن اسان جا جائز ڪم بنا دير جي ٿي رهيا آهن، هنن اعلى اختيارين کان مطالبو ڪيو ته اداري خلاف احتجاج ڪندڙ ۽ اداري جي ساک کي نقصان پهچائيندڙ اسڪارپ کاتي جي ملازم انور ملاح کي فوري طور تي معطل ڪري سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.