غير معياري کير وڪرو ڪندڙ خلاف آپريشن جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ  هاءِ ڪورٽ غير معياري کير وڪرو ڪندڙن خلاف آپريشن جو حڪم ڏيندي ڪمشنر ڪراچي کي 2 هفتن ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جو اگهه مقرر ڪرڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي، انتظاميا جي ڪارڪردگي تي جسٽس اقبال ڪلهوڙي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڪمشنر جي نمائيندي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان ڪجهه ناهيو ڪري رهيا، شهرين جي ٽيڪس مان پگھارون ڏنيون وينديون آهن، فوڊ اٿارٽي ستل آهي، شهري ڪيميڪل وارو کير پيئڻ تي مجبور آهن.

عدالت سنڌ فوڊ اٿارٽي جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي خبر آهي ته شهر ۾ کير جو اگھه ڇا آهي؟ وڪيل اعتراف ڪيو ته سڄي شهر ۾ کير 160 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، اي سي ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ رپورٽ پيش ڪئي هئي، اگھه 110 رپيا ڪلو مقرر ڪيو ويو هو.

جنهن تي عدالت چيو ته اوهان نوٽيفڪيشن ڪڍي سمجهي پوندا آهيو، نوٽيفڪيشن ڪڍڻ مسئلي جو حل نه آهي، 160 رپيا ڪلو به خالص کير ملي وڃي ته غنيمت آهي، ڪيميڪل گڏيل کير سبب عوام دٻي جو کير استعمال ڪري رهيو آهي.

جسٽس اقبال ڪلهوڙي جو چوڻ هو ته اندورن سندهه مان ته اطلاع اچي رهيا آهن ته ڪارروائي ٿي رهي آهي، ڪراچي جي شهرين کي مافيا جي رحم ۽ ڪر۾ تي ڇڏي ڏنو ويو آهي، جنهن تي فوڊ اٿارٽي جي وڪيل ٻڌايو ته گذريل ڏينهن 100 کان ڇاپا هڻي ڏنڊ هنيا ويا.

جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇاپن جا نتيجا ڇا آهن، عوام کي ڪهڙو فائدو پهتو، نتيجو چاهيون ٿا، عدالت غير معياري کير جي وڪري خلاف آپريشن جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪمشنر ڪراچي آپريشن جي نگراني ڪري ۽ ٻن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪيو.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمشنرا ڪراچي هڪ مهيني ۾ کير جو اگھه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته اگھن لاءِ نئين سر طريقيڪار بڻايو وڃي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت ڪرري طريقيڪار ۽ اگهه مقرر ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.