مينار پاڪستان واقعو: شيرين مزاري پنهنجي ئي حڪومت تي مڇرجي پئي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) انساني حقن بابت وفاقي وزير شيرين مزاري مينار پاڪستان واقعي کانپوءِ کنيل قدمن تي پنجاب حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

سينيٽ جي انساني حقن جي ڪميٽي جو اجلاس وليد اقبال جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ 14 آگسٽ تي مينار پاڪستان تي ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم سان پيش ايندڙ واقعي تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.

اجلاس دوران انساني حقن واري وزارت مينار پاڪستان واقعي جي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ٿيندڙ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي مانيٽر ڪندا رهيا آهيون.

انساني حقن جي وزارت پنهنجي رپورٽ ۾ چيو ته مينار پاڪستان واقعو 14 آگسٽ تي پيش آيو، شيرين مزاري ان معاملي جو نوٽيس ورتو ۽ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 141 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ۽ سڃاڻپ پريڊ ڪرائي وئي، جنهن ۾ عائشا اڪرم نه ائي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ لاءِ ڪالهه هڪ سڃاڻپ پريڊ ٿي، جنهن ۾ عائشا اڪرم پاڻ آئي، عائشا اڪرم 6 ڄڻن جي سڃاڻپ ڪري ورتي آهي، جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ لاءِ 4 خاص ڪميٽيون جوڙيون ويون آهن.

ان موقعي تي شيرين مزاري پنجاب جي پارڪن ۾ عورتن جي داخلا جو وقت مقرر ڪرڻ تي صوبائي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته عورتن تي پابندي بدران سنگل ماڻهن جي داخلا جي پابندي لڳائي وڃي.

هن چيو ته پارڪن ۾ عورتن لاءِ وقت مقرر ڪرڻ تعجب جي ڳالهه آهي، پنجاب حڪومت پابنديون لڳائڻ بدران عورتن لاءِ ماحول بهتر بڻائي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.