پاڪستان چمن بارڊر بند ڪري ڇڏيو

 

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سيڪيورٽي خدشن سبب افغانستان سان لاڳاپيل چمن بارڊ کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو.

ذريعن موجب چمن بارڊر کي سيڪيورٽي خدشن سبب عارضي طور تي بند ڪيو ويو آهي.

ان کان اڳ گهرو وزير شيخ رشيد اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو هو ته چمن ڪراسنگ عارضي طور تي بند ڪيو ويندو.

واضح رهي ته افغان طالبان به گذريل مهيني ڪابل تي قبضو سنڀالڻ کانپوءِ چمن ڪراسنگ کي هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند ڪري ڇڏيو هو ۽ پاڪستان سان ڳالهين کانپوءِ ٻيهر کوليو ويو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.