ڪورونا سبب ملڪ ۾ 89 فوتگيون، 4103 نوان مريض، 92941 فعال ڪيس

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڪورونا وائرس سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 89 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي سڃاڻپ لاءِ 61 هزار 651 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 4 هزار 103 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، جنهن کانپوءِ متاثرن جو مجموعي انگ 11 لک 67 هزار 791 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 6.65 سيڪڙو رهي.

سرڪاري پورٽل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 89 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، جنهن کانپوءِ فوتين جو مجموعي انگ 25 هزار 978 ٿي ويو آهي.

گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ وڌيڪ 4974 ڄڻا صحتياب به ٿيا، جنهن کانپوءِ صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 10 لک 48 هزار 872 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 92941 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.