ڀرياسٽي لڳ ٽن پورهيتن جي گهرن کي باهه، الهه تلهه سڙي رک

ڀرياسٽي ( ن ع آ )  ڀرياسٽي جي ڳوٺ کاھي قاسم ۾ ٽن پورھيت ڳوٺاڻن صدام حسين لنجار ، شوڪت لنجار ۽ الاھي بخش لنجار جي  گھرن جي لوڙھي کي اوچتو باھ جي چڻنگ مان باھ لڳڻ سبب باھ جي شعلن گھرن اندر پيل قيمتي سامان، روڪ رقم، ڪپڙا،  سوين مڻ اناج ۽ مال جو بوھ سڙي مڪمل رک ٿي ويو،  جڏھن ته  ڳوٺاڻن جي رڙين تي پاڙي وارن پھچي معصوم ٻارڙن ۽ گھر ڀاتين جون حياتيون بچائي ورتيون جڏھن ٻئي پاسي اطلاع تي ڀرياسٽي  فائر برگيڊ عملي ڳوٺاڻن جي مدد سان باھ تي ظابطو آندو، ان سلسلي ۾ متاثر ڳوٺاڻن صدام حسين لنجار ۽ شوڪت لنجار ٻڌايو ته گھر ڀاتي گھر اندر ويٺل ھئا ته گھرن جي لوڙھي کي اوچتو باھ جي شعلن وڪوڙي  ڇڏيو تيز باھ جي شعلن ڏسندي ڏسندي اسان جي گھرن کي ساڙي رک ڪري ڇڏيو اسان وڏي مشڪل سان پنھنجن معصوم ٻارڙن ۽ گھر ڀاتين جون حياتيون بچائي نڪتا سين

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.