نوابشاهه ۾قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا

نوابشاھه (ڊ ر ) شھيد بينظيرآباد نوابشاھ جي عدالت قتل جو ڏو ھ ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي سزا ٻڌائي ڇڏي جوابدارن تي  سال 2009 ۾ٻن  ڄڻن کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ٿيل ھو .رپورٽ موجب شھيد بينظير آباد نوابشاھ جي عدالت فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪرمنل ڪورٽ  جي جج مسٽر عبدالواھاب تينو جي عدالت سال 2009 ۾ ٻن جوابدارن ٿاڻو دوڙ جي حدن ۾ ڪار تي فائرنگ ڪري ٻن ڄڻن عبدالرشيد ڪوري ۽  حافظ عرفان ملڪ کي قتل ڪري ڇڏيو ُ ھو جنھن  جو  ڪيس دوڙ ٿاڻي فريادي عبدالشڪور ڪوري جي فرياد تي ٻن جوابدارن ھر ھڪ الاھي بخش ۽عبدالحميد بڙدي تي داخل ڪرايو ھو عدالت اڄ ان ڪيس جي ٻڌڻي بعد جوابدارن تي ڏو ثابت ٿيڻ تي جوابدار الاھي بخش بڙدي کي سزائي موت ۽ جوابدار عبدالحميد بڙدي کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي جوابدارن کي سينٽرل  جيل حيدر آباد روانو ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.