سنڌ ۾پاڻي کوٽ جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي:نويد قمر

ٽنڊو محمد خان(ڊ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جي ذميوار وفاقي حڪومت آهي ، جنهن سنڌو دريا ۾ پاڻي جي فراهمي روڪي سنڌ کي زرعي  طور نقصان رسايو آهي ، اهڙو اظهار پاڪستان پيپلز پارٽي جي پارلياماني ليڊر اڳوڻي وفاقي وزير سيد نويد قمر ٽنڊو محمد خان ۾ لا ڪاليج جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو  ، هن چيو ته وفاقي حڪومت جي غلط پاليسين جي ڪري ڏيھ ۽ پرڏيھ ۾ ملڪي سلامتي لاء خطرا بڻجي رهيا آهن افغان طالبان پاليسي ۾ حڪومت مسلسل غلطيون ڪري رهي آهي ، سرحدي علائقن ۾ آيل افغانين کي سرحد تائين محفوظ رکڻ لاءِ انتظام ڪرڻ گهرجن ، ملڪ جي صورتحال ماضي جي حالتن کان تمام گهڻو بدتر ٿي ويئي آهي ، مهنگائي بيروزگارري بدحالي ملڪي عوام جو ساھ سڪائي ڇڏيو آهي مٿان وري ڪنهن ٻئي ملڪ جي عوام جو ملڪ جي اندر اچڻ وارو بار هاڻي ملڪ لاءِ فائديمند بجاءِ نقصانڪار ثابت ٿيندو ، هن چيو ته ماضي جي غلطين مان حڪمرانن کي سبق حاصل ڪرڻ گهرجي پر ان جي ابتڙ سليڪٽيڊ وزيراعظم عمران خان جي وفاقي حڪومت مسلسل غلطيون ڪيون آهن پيٽرول جي اگهن ۾ معمولي لاٿ ڪري عوام سان مزاق ڪيو ويو آهي ، جنهن جو عوام ايندڙ اليڪشن ۾ ضرور احتساب ڪندو ، پي ٽي آءِ جي ايندڙ حڪومت ڪنهن به اتحادي سان شامل ٿيڻ باوجود ٺهڻ هاڻي ناممڪن بڻيل آهي ، جنهن جو ذميوار سليڪٽيڊ وزيراعظم پاڻ آهي ، هن چيو ته اپوزيشن کي متحد ٿيڻ گهرجي پر ان جي ابتڙ اپوزيشن ۾ شامل ڪجھ پارٽيون اتحاد کي نقصان رسائي اڃان به نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن جيڪو فائدو وفاقي حڪومت کي ٿي رهيو آهي ، تقريب کي ايم پي اي سيد اعجاز حسين شاھ بخاري ، پ پ اڳواڻ مير علي رضا ٽالپر ، خرم ڪريم سومرو ۽ ٻين به خطاب ڪيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.