قمبر پاڻي کوٽ سنگين ٿي وئي، آبادگار سراپا احتجاج

قمبر (رپورٽ : محمود شيخ ) قمبر ۾زرعي پاڻي کوٽ سبب ڪيترائي ڳوٺاڻا پاڻي نه هجڻ ڪري اباڻا ڪک ڇڏڻ تي مجبور ٿي بدحالي سبب ڳوٺ خالي ڪرڻ لڳا آباد ڳوٺن ۾ ويرانو نظر اچڻ لڳو ان موقعي تي قمبر جي جاگير واري علائقي جي آبادگار پنهوار شاخ جي سڪل پيٽ م ٽائرن کي باھ ڏئي انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي ان موقعي تي آبادگار شوڪت چانڊيو،عرفان گوپانگ،امام الدين،جمال الدين ۽ ٻين چيو ته سنڌ سرڪار غريب ۽ مسڪين هارين جي واهر ڪري ۽ ضلعي قمبر شهدادڪوٽ کي ڏڪار سٽيل قرار ڏئي سرڪاري قرض معاف ڪرائي ۽ مختلف شاخن تي آبادي ڪندڙ هارين کي في ايڪڙ 2 لک روپيا امدادي رقم ڏياري سندن پريشانيون ختم ڪري لڏپلاڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.