لاڙڪاڻي لڳ لوڊر چنگچي پاڻي ۾ ڪلٽي، ٻارڙو ٻڏي فوت

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ڀرسان مهي مڪول وٽ تيز رفتار لوڊر چنگچي ڪلٽي پاڻي ۾ ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڳوٺ ڪوٺي ڪلهوڙو واسي 5 سالن  جو نينگر عيان علي پٽ اياز علي چانڊيو ٻڏي ويو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارثن پاڻي مان ڪڍي فوري طور چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو جتي ڊاڪٽرن پاران ٻڏي ويل نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي فوتي نينگر جي وارثن ٻڌايو ته اسان لوڊر چنگچي ۾ سوار ٿي پنهنجي ڳوٺ ڪوٺي ڪلهوڙو کان لاڙڪاڻي شهر اچي رهيا هئاسين ته اوچتي تيز رفتاري سبب لوڊر چنگچي ڪلٽي ٿي پاڻي ۾ڪِري پئي جنهن جي نتيجي ۾ عيان علي پاڻي ۾ ٻڏي ويو جڏهن ته 5 کان وڌيڪ ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت پاڻ کي پاڻي مان نڪري جان بچائي آهي. هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي لاش کڻائي ڳوٺ روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.