ميرپورساڪري ۾ دڪان کي باهه، سامان خاڪ

ميرپور ساڪرو(ن ع آ) شاھي بازار ميرپور ساڪرو ۾ درزي جي دوڪان کي بجلي جي شاٽ سرڪٽ مان اوچتو باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي  ۾ سلائي جون مشينون ۽ گراڪن جا رکيل ڪپڙا سڙي رک  ٿي ويا. خبر موجب ميرپور ساڪري جي شاھي بازار ۾ مشهور درزي رضوان شيخ جي دڪان کي بجلي جي شاٽ سرڪٽ مان اوچتو باھ لڳي وئي جنهن جي نتيجي ۾ دڪان ۾ رکيل سوين جوڙا ڪپڙا ` 4  عدد سلائي مشينون ` ڌاڳن ۽ بٽڻن جا ڪاٽن سميت سورو سامان سڙي رک  ٿي ويا ٿيل نقصان جو ڪاٿو اندازن 7 کان 8 لکن روپين  تائين  ٻڌايو پيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.