نوابشاهه ۾ 7 ايس ٽي پي ڪارڪن کنڀجي ويا، مختلف شهرن ۾ احتجاج

ڪراچي(نمائندا) گذريل ڏينهن نوابشاهه ويجھو ايس ٽي پي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ واري عمل خلاف ايس ٽي پي تعلقي نوابشاهه پاران سبحان مگسي، غفار ڏاھري، لطيف راھو، وقاص ڪيريو حفيظ ڪيريو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب ٻاهران علامتي بک ھڙتال ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ايس ٽي پي ڪارڪن شاھنواز ڪيريو، رستم شاھه، عاقب ڏاھري، زين انڙ، وقار ملاح، خالد راھو، قربان راھو حيدرآباد ھاءِ ڪورٽ مان پنھنجي ضمانت ڪرائي واپس نوابشاهه اچي رھيا ھئا ته انھن کي نوابشاهه جي حد مان جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، هوڏانهن  دوڙ ۾ ايس ٽي پي ڪارڪنن تعلقي صدر علي بخش لغاري، جنرل سيڪريٽري جي اين ڪيريو، سٽي صدر ظفر بروهي، امداد ڏاهري، آمين چانڊيو، ايس يو پي اڳواڻ ڊاڪٽر مجاهد رستماڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب دوڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي هنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نوابشاهه انتظاميه قومي ڪارڪنن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪري ڇڏي آهي سياسي ڪاروايون بند ڪري ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي ڪنهن به صورت ۾ خاموش نٿو ڪري سگهجي، هوڏانهن ميرپورخاص ۾ ايس ٽي پي  اڳواڻ  اڪبر شر ۽ ٻين چيو ته نوابشاھ پوليس ۽ انتظاميا قومي ڪارڪنن جي دشمنن جي ونگار وهندي قومي ڪارڪنن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي پوري سنڌ ۾ احتجاج ڪنداسين، ٻئي پاسي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراھ ڊاڪٽرقادرمگسي چيو آھي تہ سنڌ ايڪشن ڪميٽي تي حملي فائرنگ ۽ قافلي جي رستا روڪ جو ڪوڙو ڪيس ايس ٽي پي ڪارڪنن تي داخل ڪيو ويو، جنھن جي قانوني طور ايس ٽي پي ڪارڪنن ھاءِ ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي واپس نوابشاھ وڃي رھيا ھئا تہ رستي تان ايس ٽي پي اڳواڻن شاھنواز ڪيريو سيد رستم شاھ زين سنڌي وقار ملاح عاقب ڏاھري گم ٿي ويا سندن موبائيل فون مسلسل بند اچي رھيا آھن، اسان کي يقين آھي تہ انھن کي نواب شاھ جي پوليس پ پ پ جي ونگار وھندي کين اغوا ڪيو آھي جيڪو سراسر غير قانوني ۽ عدالت جي توھين آھي، جنھن جو چيف جسٽس پاڪستان کي نوٽيس وٺڻ گھرجي، ھن وڌيڪ چيو جيڪڏھن حڪمرانن جي دماغ ۾ اھو آھي تہ انطرح سان اھي سنڌ جي وسيلن ۽ زمينن تي والار خلاف ھلندڙ تحريڪ کي دٻائي ويندا تہ اھا انھن جي خام خيالي آھي ، پ پ کي ھوش سنڀالڻ گھرجي هن مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ اسان جي بيگناھ ڪارڪنن کي ڌاڙيلن جيان اغوا ڪري گم ڪرڻ  جو نوٽيس وٺي کين فوري طور آزاد ڪيو وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.