ڀان ويجهو قلندر جي پانڌئيڙن سان حادثو، 3 عورتون فوت، 15 زخمي

ڀان سيدآباد ( رپورٽ: آدم مينگل  ) ڀان سيدآباد ويجهو درگاهه ويهڙ شريف وٽ قلندر جي پانڌيئڙن سان حادثو ٿيو، 3 عورتون فوت ٿي ويون، معصوم ٻارڙي سميت 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڀان سيدآباد ويجهو درگاهه  ويهڙ شريف وٽ دادو سيوهڻ روڊ تي سيوهڻ قلندر لعل شهباز جي زيارت لاءِ  ويندڙن  جي ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي،حادثي ۾ 3  عورتون موقعي تي ئي فوت ٿي ويون جڏهن ته هڪ معصوم نينگري سميت 15  زخمي ٿي پيا، پوليس موجب فوتين جي سڃاڻپ مسمات سبحان خاتون،مسمات بنيتا لغاري ۽ حاجاڻي لغاري طور ٿي آهي، جڏهن ته زخمين ۾ رحمت الله، سينگار، علي نواز، مسمات نجما، حوران، مسمات دانا لغاري سميت ٻيا شامل آهن، زخمين کي سيوهڻ منتقل ڪيو ويو، جتي کين طبي امداد ڏني وئي. پوليس موجب حادثي جو شڪار ٿيل قاضي احمد جي ڳوٺ پناهه ڏاهري ۾ رهندڙ آهن. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.