سنڌ ۾ ڪورونا سبب تعليم جي تباهي، سرڪاري اسڪولن مان ٻارنڪرڻ جي خطرناڪ شرح

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ ۾ ڪورونا کانپوءِ تعليم جو ٻيڙو ٻڏي ويو، لاڪ ڊائون ۾  خانگي اسڪول کليل ۽ سرڪاري اسڪول بند هجڻ ڪري سرڪاري اسڪولن مان ٻارن نڪرڻ جي شرح خطرناڪ حد تائين پهچي وئي، اسڪولن کي نصاب به نه مليو،   ذريعن وٽان مليل  ڄاڻ موجب سنڌ ۾ ڪورونا واري صورتحال دوران ٻن تعليمي سالن کي نقصان پهتو، لاڪ ڊائون دوران سرڪار پاران سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو پر ان تي مڪمل عمل صرف سرڪاري اسڪولن ۾  ٿيو، خانگي اسڪولن پاران اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل طور تي اسڪول کولڻ سبب سرڪاري رٽ نه رهي، جنهن سبب والدين پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن مان ڪڍي خانگي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو، جڏهن ته تقريبن 30 سيڪڙو ٻار تعليم پرائڻ کان ئي محروم رهجي ويا، 30 آگسٽ کان اسڪول کلڻ باوجود اسڪولن ۾ حاضري 50 سيڪڙو به نه رهي آهي، سرڪاري رڪارڊ ۾ پهرين کان 12 هين درجي تائين اسڪولن ۾ داخل شاگردن جو انگ 45 لک ڄاڻايو ويو  آهي، ذريعن موجب  اسڪول کلڻ جي پهرين هفتي ۾ تقريبن 22 کان 23 لک ٻارن جي حاضري رهي، جنهن ڪري ٻارن جي ڊراپ آئوٽ شرح 50 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته پرائمري کان ڪاليجن تائين نصاب جي رسد نه ٿي سگهي آهي، گادي واري شهر ڪراچي سميت حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر ۽ نوابشاهه ڊويزنن  جي تقريبن 50 سيڪڙو اسڪولن ۾ نصاب نه پهتو آهي،جن علائقن جي سرڪاري اسڪولن ۾ نصاب پهتو آهي ته اهو به اڻپورو آهي، نصابي سيٽ مان ڪنهن ۾ اردو ته ڪنهن ۾ حساب يا ٻين سبيجيڪٽن جا ڪتاب کٽل آهن،  ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي سيڪريٽري حفيظ الله مهر رابطو ڪرڻ تي عوامي آواز کي ٻڌايو ته   صوبي ۾ گهرج موجب 47 لک 36 هزار ڪتاب لاڳاپيل عملدارن حوالي ڪري ڇڏيا آهن، اسڪول ايجوڪيشن کاتي پاران 47 لک 36 هزار کان وڌيڪ شاگردن جي انرولمينٽ تحت ڪتاب گهريا ويا جنهن بعد ٽينڊر ڪرائي ڪتاب 2 ڪروڙ 48 لک ڪتاب ڇپرايا ويا ۽  اسڪولن جي گهرج تحت هر ضلعي ۽ تعلقي ۾ ڪتاب پهچايا ويا آهن، هن چيو ته ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسرن ۽ تعلقي ايجوڪيشن آفيسرن کي ڪتاب پهچايا ويا آهن، جيڪي ٽرانسپورٽ سميت ويئر هائوسز تائين نظام تحت پهچايا ويا آهن، هن چيو ته سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ وٽ ڪتابن جي ڪابه کوٽ نه آهي، اسڪول ايجوڪيشن کاتي کي گهربل ڪتابن جا 47 لک 36 هزار سيٽ ڏنا ويا آهن، ان کانسواءِ سنڌ ايجوڪيشن کاتي، خيراتي اين جي اوز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي به سندن درخواست تي ڪتاب فراهم ڪندا آهيون، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي پ ٽ الف جي اڳوڻي صدر انتظار ڇلگري چيو ته سنڌ جي اسڪولن ۾ 50 سيڪڙو ٻار گهٽيا آهن ۽ 50 سيڪڙو نصابي ڪتاب نه مليا آهن،جيڪڏهن ڪٿي ڪتاب مليا آهن ته وري انهن ۾ اردو، سنڌي، حساب، سائنس يا ڪنهن ٻئي سبجيڪٽ جا ڪتاب کٽل آهن، مطلب ته سيٽ اڻپورا مليا آهن، پ ٽ الف اڳواڻ استاد ابو بڪر ابڙو چيو ته ڪراچي جي اسڪولن ۾ به مڪمل طور تي نصابي ڪتاب نه مليا آهن ٻين ڊويزنن جي صورتحال جي ڄاڻ نه آهي،

ٻه ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر هجڻ الميو، تعليم تي ڌيان نه ڏنو ويو: وزيراعظم

 اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته بدقسمتي سان ماضي ۾ ٻارن جي تعليم تي ڌيان  نه ڏنو ويو آهي موجوده حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريب ٻارن کي تعليم سان نوازيون. وزيراعظم عمران خان  احساس پروگرام تحت مستحق شاگردن کي وظيفا جاري ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻارن جي بنيادي تعليم تمام اهم آهي. بدقسمتي سان اسان ٻارن جي بنيادي تعليم تي ڌيان نه ڏنو آهي. اسان جي ملڪ ۾ 2 ڪروڙ ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن ان لاءِ ضروري آهي ته اسان اسڪول کان ٻاهر 2 ڪروڙ ٻارن کي تعليم ڏياريون.عمران خان چيو ته ملڪ جو سڀني کان وڏو سرمايو ان جا ماڻهو هوندا آهن. جڏهن ماڻهن کي تعليم نٿي ڏني وڃي ته هو پنهنجي سرمائي جو نقصان ڪندا آهن. ٻاررڙين جي تعليم تي به ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو تعليم کان محروم ٿي ويو آهي. هڪ  پڙهيل لکيل عورت هڪ مرد کان وڌيڪ معاشري کي فائدو پهچائيندي آهي ڇو ته هو پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏيندي آهي. جنهن سان گهر جو نظام بدلجي ويندو آهي ۽ گهر ۾ ٻارن جي صحت ۽ بهتر سار سنڀال جا معاشري تي بهتر اثر پوندا آهن.وزيراعظم چيو ته اولهه جي ملڪن ۾ اهو تاثر آهي ته اسان  پنهنجي ٻارن کي پڙهائڻ نٿا چاهيون. پر اصل ۾ ائين نه آهي اهڙو ڪوبه علائقو نه آهي جتي والدين پنهنجي نياڻين کي تعليم نه ڏيارڻ چاهيندا هجن. پر ڪيترائي اسڪول پري هوندا آهن يا اسڪولن ۾ استاد ئي نه هوندا آهن. احساس پروگرام ۾ ڇوڪرين کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن. ڇوڪرن جي لاءِ تعليمي وظيفو ڏيڍ هزار روپيه جڏهن ته ڇوڪرين جي لاءِ 2 هزار روپيه مقرر ڪيو ويو آهي.03

4 لک ٻارن سرڪاري اسڪول ڇڏيا: سردار شاهه جو اعتراف

ڪراچي: تعليم کاتي جي صوبائي وزير سيد سردار شاهه اعتراف ڪيو آهي ته ڪورونا وبا دوران اسڪولن مان ٻارن جي نڪرڻ جو سيڪڙو  گهڻُو وڌيو آهي، هن عوامي آواز جي سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڪورونا سبب تعليم گهڻي متاثر ٿي آهي، ٻارن جو ڊراپ آئوٽ ريشو به وڌيو آهي، ٻار اسڪول بند هجڻ ڪري وڃي پورهئي سان لڳا، اسڪولن ۾ داخل 45 لک مان هاڻي وڃي 41 لک بچيا آهن، ان ڳڻتي واري ڳالهه آهي، هن چيو ته اسڪولن ۾ ٻارن جي نه اچڻ سان انهن کي جيڪا تعليم مليل هئي اها به وسري وئي آهي،  هن چيو ته اسڪولن ۾ نصاب جي پهچ جو معاملو آهي، اهو پهچائڻ اسان جي ذميواري آهي،

اسڪول کلڻ باوجود شاگرد ادارا ڇڏين پيا: انتظار ڇلگري

ڪراچي: استادن جي تنظيمن سرڪاري اسڪولن مان ٻاهر جي نڪري وڃڻ جو ذميوار سرڪاري رٽ قائم نه ٿيڻ کي قرار ڏيندي چيو ته لاڪڊائون ۾ سرڪاري اسڪول بند ۽ خانگي اسڪول کليل هجڻ ڪري سرڪاري اسڪولن مان ٻارن جي ڊراپ ٿيڻ جو سيڪڙو پريشان ڪندڙ آهي، عوامي آواز سان ڳالهائيندي پ ٽ الف اڳوڻي صدر انتظار ڇلگري چيو ته اسڪول ته کلي ويا آهن پر شاگردن جو ڊراپ آئوٽ ريشو پريشان ڪندڙ ۽ تصور کان ٻاهر آهي، ان جو  بنيادي ڪارڻ ڪورونا لاڪ ڊائون ۾ سرڪاري اسڪول بند هجڻ ۽ خانگي اسڪول کليل هجڻ آهي، هن چيو ته ڪورونا جي ڪري ٻارن جي تعليم گهڻي متاثر ٿي آهي، پي ٽي الف اڳواڻ ابوبڪر ابڙو چيو ته لاڪ ڊائون جي ڪري سنڌ ۾ تعليم گهڻي متاثر ٿي آهي،

نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري تعليم کاتي بابت اڃا بريفنگ نه ورتي

ڪراچي: اسڪول ايجوڪيشن کاتي ۾ نئين مقرر ٿيل سيڪريٽري اڪبر لغاري چارج سنڀالڻ باوجود کاتي جي ڪاروهنوار بابت اڃا تائين بريفنگ نه ورتي آهي، ذريعن موجب اسڪول ايجوڪيشن کاتي جو سيڪريٽري مقرري بعد مسلسل  صوبائي وزير سان گڏجي پلاننگ ڪرڻ ۾ رڌل آهي جڏهن ته اڃا تائين هن اسڪول ايجوڪيشن کاتي جي ڪامورن کان اسڪول لکڻ، ٻارن جي اسڪولن مان نڪري وڃڻ، فرنيچر، نصاب يا انتظامي معاملن تي اڃا تائين باضابطه بريفنگ نه ورتي آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.