سي اين جي مافيا جي ڦرلٽ جاري، اگهن ۾ وڏي واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سي اين جي مافيا هڪ ڀيرو ٻيهر گئس اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي.

مهانگائي سٽيل عوام لاءِ بري خبر آهي، ڇو ته سي اين جي مافيا اڄ کان گئس في ڪلو گرام 180 رپيا ڪري ڇڏي آهي.

ڊيلرز اگهن ۾ واڌ ايل اين جي جي درآمد تي ٽيڪس ۾ واڌ کي بنياد بڻائي ڪئي آهي، گڏوگڏ انهن ڊيوٽي ۽ ٽيڪس ۾ واڌ واپس نه وٺڻ تي احتجاج جي ڌمڪي به ڏني آهي.

واضح رهي ته سي اين جي اگهه ۾ 5 جولاءِ تي به واڌ ڪئي وئي هئي، 5 جولاءِ تي في ڪلو گرام سي اين جي 17 رپيا مهانگي ڪئي وئي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.