ميهڙ: ڌارين جي آبادڪاري سميت ٻرندڙ مسئلن جي حل لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي ريلي، ڌرڻو

سنڌ ۾ افغانين  جي آمد ،ڌاري آبادڪاري ،وفاقي ادارن  پاران سئي سدرن گئس ڪمپني ۽ ٻين ادارن مان سنڌي ماڻهن جي برطرفين ،سنڌ ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ ،بحريا ٽائون منصوبي ۽ سنڌ جون زمينون ڌارين کي وڪرو ڪري ڏيڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي ميهڙ ۾  قاضي عارف روڊ کان ساجد سوڍر جي رهائش گاه کان قومي عوامي تحريڪ تعلقي ميهڙ جي صدر خادم سولنگي ،سينيئر نائب صدر ساجد سوڍر ،نائب صدر شبير چانڊيو ،جنرل سيڪريٽري فياض  چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر وڪيل منور علي جتوئي ضلعي دادو جي صدر محمد يعقوب پنهور جنرل سيڪريٽري پاويل جوڻيجو خاص طور تي شرڪت ڪئي ، ڌرڻي کي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ۽ مقامي اڳواڻن وڪيل منور علي جتوئي ،محمد يعقوب پنهور ،خادم سولنگي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين ڌارين کي آباد ڪري سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، سنڌ جو زمينون بحريا ٽائون  ۽ ٻين بلڊرن کي وڪڻي اتي ڌاريا آباد ڪيا پيا وڃن ،آئل اينڊ گئس ڪمپني مان 12هزار سنڌي ماڻهن کي نوڪرين تان برطرف ڪرڻ جي  مذمت ڪيون ٿا ، هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي برطرف ملازمن کي بحال ڪري ، پاڻي جي کوٽ ختم ڪري ٻرندڙ مسئلا حل ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.