ملير لڳ باهه ڏنل نوجوان فوت، هڪ جوابدار گرفتار

ملير (ڊ ر) ابراهيم حيدري ۾ نوجوان کي باهه ڏيڻ وارو واقعو، باهه ۾ سڙيل نوجوان زخمن جا سور نه سهندي فوت، نوجوان کي باهه ڏيندڙ به جوابدار  گرفتار، خبر موجب ؛ ابراهيم حيدري ۾ 28 آگسٽ تي 19 ورهين جي نوجوان ذيشان کي ٻن جوابدارن پاران پيٽرول هاري باهه ۾ ساڙيو ويو هو، جنهن بعد باهه ۾ سڙيل نوجوان اسپتال ۾ پوليس کي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرايا، نوجوان وڌيڪ زخمن جا سور نه سهندي علاج دوران دم ڌڻي حوالي ڪيو، هوڏانهن نوجوان کي باهه ڏيندڙ ٻن جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدارن ۾ حنيف ۽ ياسين شامل آهن، ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ملير عرفان بهادر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان ذيشان جي بيان موجب هن جي عورت سان دوستي هئي ۽ ان سان هو شادي ڪرڻ چاهي پيو، عورت جي مائٽن هن جي شادي ٻئي ڪنهن سان ڪرائي ڇڏي هئي، نوجوان ذيشان عورت سان ملڻ لاءِ سندس گهر ويو ته عورت جي مڙس حنيف ۽ سندس ڀاءُ ياسين ذيشان کي باهه ڏئي ساڙي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ذيشان پنهنجي بيان ۾ حنيف ۽ ياسين کي نامزد ڪيو هو، جنهن بعد پوليس ٻنهي جوابدار کي گرفتار ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.