اياز لطيف پليجي سان پ پ وفد جي ملاقات: درست رخ ۾ وڌايل اهم وک

تحرير: زرار پيرزادو

¨ پاڻ وٽ جڏهن به سنڌ ۽ سنڌي عوام لاءِ زندگي ۽ موت جهڙا مسئلا پيدا ٿيندا  آهن ۽ جڏهن به سنڌ دشمن طاقتن خلاف متحد ٿي مقابلي ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿيندي آهي ته ان وقت اهو ڏسي نراسائي ٿيندي آهي  ته سنڌين جي اها قومي ٻڌي جيڪا سنڌ دشمنن سان مقابلو ڪري سگهي بلڪل به نظر ناهي ايندي.

¨ اسين اهو به سوچيندا آهيون ته سنڌين جون نمائندا سياسي پارٽيون پوءِ اهي وفاقي هجن، قوم پرست هجن اهي سنڌ دشمن طاقت سان ته اتحاد ڪندي ڏٺيون وينديون آهن پر اهي پاڻ ۾ گڏ ناهن ٿي سگهنديون.

¨ پ پ ۽ سمورين قومپرستن پارٽيون آخر پاڻ ۾ گڏ ٿي سنڌ ۽ سنڌين جي خواهش جو ترجمان ڇو نٿيون بڻجن ۽ گڏ ٿي سنڌين جا مسئلا ڇو نه ٿيون حل ڪن؟

¨ ۽ ايئن ڇو آهي ته سنڌين جي اها تمنا هڪ اهڙو خواب بڻجي وئي آهي جنهن جي ساڀيان ڄڻ ته ممڪن ئي ناهي.

¨ ماضي ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ جي ايم سيد، بينظير ڀٽو ۽ جي ايم سيد توڙي رسول بخش پليجي ۽ بينظير ڀٽو جي وچ ۾ مختلف وقتن ۾ گڏ ٿيڻ جي جيڪڏهن ڪوشش به ڪئي وئي ته اهي ڪوششون گهڻو وقت نه هلي سگهيون.

¨ سو اها به حقيقت آهي ته سنڌ دشمن طاقتن ڪڏهن به ناهي چاهيو ته سنڌي عوام جون نمائندا جماعتون پ پ ۽ قومپرست جماعتون پاڻ ۾ گڏ ٿين، گڏ ٿيڻ جي ڪوشش به ٿيندي هئي ته انهن ڪوششن کي ناڪام بڻايو ويندو هو.

¨ پ پ توڙي قومپرست پارٽين اندر سنڌ دشمن طاقتون پنهنجا ماڻهو داخل ڪرائي انهيءَ ذريعي ٻڌي وارين مڙني ڪوششن کي پئي ناڪام بڻايو آهي.

¨ اها به حقيقت آهي ته ان ڏس ۾ حڪمران پارٽي هئڻ ناطي سڀ کان وڏي ذميواري پ پ حڪومت جي آهي ته اها سنڌين جي نمائنده جماعتن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي.

¨ پر پ پ جيڪڏهن ورلي اهڙو ڪم ڪيو به آهي ته صرف ۽ صرف پنهنجي اقتداري مفاد لاءِ. جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ کين ڀت سان لڳائيندي آهي يا اقتدار کي خطرو هوندو آهي ته پوءِ سنڌ ڪارڊ کي استعمال ڪندي آهي پر جڏهن اقتدار ۾ هوندي ته اقتداري ڌرين کي خوش ڪرڻ لاءِ سنڌ دشمن منصوبا به شروع ڪري ڏيندي آهي.

¨ پر پ پ کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ان جو اصل ووٽ بينڪ يا طاقت سنڌ جو سنڌي عوام آهي، ان کي پ پ خوش رکندي ته پوءِ ٻين صوبن جو عوام به کين عزت ڏيندو.پر جيڪڏهن  پ پ اقتداري طاقتن لاءِ پنهنجي ووٽر سنڌي عوام کي رنج ڪندي ته پوءِ نه هيڏانهن جي رهندي نه هوڏانهن جي.

¨ ان پسمنظر ۾ جيڪڏهن اسان پ پ جي هڪ وفد جي قومي عوامي پارٽي جي سربراهه اياز لطيف پليجي سان ٿيل ملاقات کي ڏسنداسين ته ان عمل کي درست رخ ۾ وڌايل وک سمجهنداسين.

¨ جيڪڏهن مسلم ليگ(ن) تحريڪ انصاف يا ايم ڪيو ايم جهڙيون اقتداري جماعتون سنڌ جي قومپرست جماعتن سان ملن ٿيون ۽ اتحاد ڪن ٿيون ته پ پ کي به ان پاسي بلڪل به ڌيان ڏيڻ گهرجي.

¨ ۽ قومپرست جماعتن کي به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ ۾ ڪنهن به قسم جي انقلاب کان اڳ واري ڏاڪي تي چڙهڻو پوندو ۽ اهو ڏاڪو آهي ته پ پ سان اتحاد ڪرڻ وارو. پر جيڪڏهن پ پ، قومپرست جماعتن سان رڳو ان نيت سان ملي ٿي ته اها مخالف جماعتن لاءِ ساڻن ملڻ جو اهو رستو بند ڪرڻ چاهي ٿي ته اها سياست به سمجهڻ وارا سمجهي رهيا آهن.

¨ سنڌ جي نمائندا جماعتن کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته موجوده ملڪي نظام ۾ سڀ کان ڏکيو ڪم سنڌ ۽ سنڌي عوام جي مفاد ۾ سياست ڪرڻ آهي.اهڙي سياست پوءِ جوش مان نه پر هوش مان ڪرڻي پوندي ۽ ان لاءِ لڪير جو فقير نه ٿيڻو پوندو پر عظيم مقصد لاءِ روايتي سياست کان اڳتي وڌڻ جي قرباني ڏيڻي پوندي.

¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ ۾ حقيقي تبديلي جي شروعات تڏهن ئي ٿي سگهي ٿي، جڏهن پ پ ۽ قومپرست پارٽيون پاڻ ۾ اتحاد ڪري سياست ڪنديون يا ڪري سگهنديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.