معصوم نياڻي پريا ڪماري آزاد ڪرايو، ماٿيلي ۾ احتجاج

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ : پريم راٺوڙ ) سنگرار جي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي توڙي ميرپور ماٿيلو ۾ بدامني جي باھ وڌي وڃڻ  خلاف ميرپور ماٿيلو جي ھندو سجاڳ تحريڪ، شھرين توڙي سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ڀٽائي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن جي اڳواڻي ڊاڪٽر رميش لعل، پپن ڪمار ڪامريڊ ڪڪو رام ،فقير رمضان ڪلوڙ ،ڪمال مھر ۽ ٻين پُڻ ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنگرار واسي معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس انتظاميه مڪمل طور ناڪام  ٿي چڪي آهي، معصوم نياڻي کي اغوا ٿئي ڪيترائي ڏينهن گذري چڪا آهن، پر افسوس جو نياڻي اڃان تائين بازياب ناهي ٿي سگهي، هنن وڌيڪ چيو ته ميرپور ماٿيلو ۾ ڏينهن ڏٺي جو ڦرون، چورين، ۽ ڌارا لڳن پيا پر افسوس جو  پوليس گهري ننڊ ۾ ستل آهي ۽ هتان جا شهري ڏينهن ڏٺي جو به محفوظ ناهن،  آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته  سنگرار جي معصوم نياڻي کي فوري طور بازياب ڪرايو وڃي ۽ ميرپور ماٿيلو ۾ امن مان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.