ڊي جي ڪاليج ڊائريڪٽر فزيڪل جي آفيس سيل ڪري ڇڏي

ڪراچي(رپورٽر)ڪرپشن ۾ ملوث ڊي جي ڪاليج جي پرنسپل جي عورت دشمني، ڊائريڪٽر فزيڪل جي آفيس سيل ڪري ڇڏي،ڊي جي  ڪاليج جي پرنسپل  جمنازيم کي ڪاپي ڪرائڻ جي شڪايت تي زرقا سهتو جي آفيس سيل ڪئي،پرنسپل احمد مهر منگي تي 75 لک رپين جي ڪرپشن جو ڪيس اينٽي ڪرپشن ۾ به هلندڙ آهي، متاثر،ڊي جي ڪاليج جي پرنسپل مھر علي منگي ڪراچي جي شاندار ڪاليج ۾ عورت دشمني جو شاندار مظاھرو ڪندي سرگرم سماجي ڪارڪن  ۽ فزيڪل ايجيوڪيشن جي ڊائريڪٽر زرقا سھتو جي آفيس سيل ڪري ڇڏي، جڏهن ته ڪابه آفيس سيل ڪرڻ جو اختيار ضلعي انتظاميا وٽ ھوندو آھي، آفيس ان ڪري سيل ڪئي وئي جو ڪاليج اندر موجود جمنازيم ۾ آفيس آھي پرنسپل جمنازيم کي امتحان ۾ ڪاپي ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪندو آھي جنھن تي زرقا سھتو اعلي اختيارين کي خط لکيو هو ته جمنازيم کي صرف راندين لاءِ استعمال ڪرڻ گھرجي، ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل ڪاليج جي پرنسپل مھر علي منگي ھن کان اڳ جڏھن گورنمنٽ ڪاليج رزاق آباد ملير جو پرنسپل ھئو ته مٿس 75  لک روپيا خرد برد ڪرڻ جو الزام لڳو اھو ڪيس انٽي ڪرپشن ۾ يارنهن مهينن کان ھلندڙ آھي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.