بلاول اڄ گهوٽڪي پهچندو، انتظام مڪمل

گهوٽڪي ( رپورٽ :آزاد مهر ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجن ڏينهن جي سنڌ جي دوري دوران سڀاڻي(اڄ) گھوٽڪي پهچندو، گھوٽڪي ڊگري ڪاليج گرائونڊ  ۾ سماجي پاران ڪوٺايل تقريب ۾  شرڪت ڪنڌو جڏهن ته ڊگري ڪاليج گرائونڊ 5 هزار کان مٿي عوام جي آمد جو پنڊال سجايو ويو آهي  ان حوالي سان پ پ جي اعلي قيادت صوبائي وزير ناصر شاهه، پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر پ پ ضلعي صدر مير بابر خان لنڊ ڊي سي گهوٽڪي،، ايس ايس پي گهوٽڪي سميت ٻيا عملدار پنڊال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊگري ڪاليج گهوٽڪي ۾ پهتا .

 ڊاڪٽر عشرت حسين جي استعيفيٰ منظور، وزيراعظم سان الوداعي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان ڊاڪٽر عشرت حسين ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ملاقات ڪئي، هن اطلاعات واري وفاقي وزير کي اداراجاتي سڌارن بابت ڪتاب  پيش ڪيو، هوڏانهن وزيراعظم عمران خان سان ڊاڪٽر عشرت حسين ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين وزيراعظم کي ٻن جلدن تي ٻڌل اداراجاتي سڌارن تي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.