ڪراچي ۾ مقتول رينجرز اهلڪار ڦورو نڪتو، ٻه ساٿاري به سوگها

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ برطرف رينجرز اهلڪار جي قتل جي جاچ ڪيس ۾ وڏا انڪشاف سامهون اچي ويا.ايس ايس پي سينٽرل جاچ جي حوالي سان چيو آهي ته لياقت آباد ۾ ارم بيڪري ڀرسان قتل ڪيل رينجرز اهلڪار عرفان صديقي ڦورو هو، پوليس ان جا ٻه ساٿي گرفتار ڪري ورتا آهن. هن ٻڌايو ته عرفان پنهنجي ساٿين سان گڏ ڦرلٽ جون وارداتون ڪندو هو، جوابدار ڪجهه مهينا اڳ لياقت آباد جي هڪ گهر مان ڦر ڪئي هئي، جنهن ۾ 5 تولا سون ۽ روڪ رقم شامل هئي. سندس موجب مقتول عرفان جا پنهنجي ساٿي حمزا سان اختلاف هلي رهيا هئا، هڪ ڦر دوران گهربل سامان نه ملڻ تي حمزا، عرفان سان ڪاوڙيل هو، پوءِ هن امڪاني طور کيس قتل ڪري ڇڏيو. ايس ايس پي غلام مرتضيٰ تبسم وڌيڪ چيو ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري فرار ٿيل حمزا جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.