اٽارني جنرل جو ججن جي مقرري تي سفارشن لاءِ بار ڪائونسلز کي خط

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اٽارني جنرل آف پاڪستان خالد جاويد خان بار ڪائونسل کي خط لکي ججن جي مقرري جي معاملي تي سفارشن جي دعوت ڏئي ڇڏي.

خط ۾ اٽارني جنرل موقف اختيار ڪيو آهي ته بار ڪائونسلز جون سفارشون 9 سيپٽمبر جي جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ رکيون وينديون، سپريم ڪورٽ ۾ سينيئر ترين ججن جي مقرري تي آئين چُپ آهي، سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي ته ججن جي مقرري ۾ سينارٽي جو اصول لازمي ناهي.

اٽارني جنرل خط ۾ لکيو آهي ته ججن جي مقرري تي بئنچ ۽ بار وچ ۾ اختلاف نه هجڻ گهرجن، بار ڪائونسلز سپريم ڪورٽ ۾ عورت ججز جي مستقل سيٽن تي به سفارشون ڏين.

هن وڌيڪ لکيو ته اهي جڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۾ عورتن جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ مستقل سيٽ جي سفارش ڪندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.