ڪراچي ۾ اڄ ڪورونا ڪيسن جي شرح ڪيتري رهي؟

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 118 فوتگين سان گڏوگڏ 3838 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر جي انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

هوڏانهن ڪراچي ۾ ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح گذريل ڏينهن 13 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اڄ به اها ئي شرح برقرار آهي.

ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح ۾ ڪراچي شهر چوٿين نمبر تي آهي، جڏهن ته حيدرآباد 13.3 سيڪڙو شرح سان ٽئين نمبر تي آهي.

هاڪاري ڪيسن جي سڀ کان وڌيڪ شرح ميرپور ۾ 18.9 سيڪڙو، جڏهن ته ٻئي نمبر تي اسڪردو ۾ 13.4 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.