ڪورونا سبب وڌيڪ 118 فوتگيون، فعال ڪيس 94573 ٿي ويا

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 118 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا ۽ 3838 نوان ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سامهون آيل 3838 نون ڪيسن کانپوءِ ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسن جو مجموعي انگ 11 لک 60 هزار 119 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 7.36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

اهڙي ريت هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 118 ڄڻا لاڏاڻو ڪري ويا، ائين پاڪستان ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيندڙن جو گڏيل انگ 25 هزار 788 ٿي ويو آهي.

انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 2837 ڄڻا ڪورونا مان صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ مجموعي طور صحتياب ٿيندڙن جو انگ 10 لک 39 هزار 758 ٿي ويو آهي، جڏهن ته فعال ڪيسن جو انگ 94573 آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.