سوڀيديري لڳ حملو، فائرنگ، 4 ڄڻا سوگها، احتجاج

سوڀوديرو (ن ع آ) ڪالهه سوڀوديرو ٿاڻي جي حد  سڳيون ويجهو ڳوٺ ڳھڻو ڀاڳت جي رھواسين ڀاڳت برادري جي خادم علي ڀاڳت ـ عابدعلي  ڀاڳت ـ مجيب ڀاڳت جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڳھڻو ڀاڳت ۾ پرائمري اسڪول ڀرسان ٽائيرن کي باھيون ڏيڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته گذريل رات ڳوٺ جو بااثر  وڏيرو شاھ زمان ڀاڳت ٻن  ڪارن  تي ھٿياربند ساڻ ڪري خادم علي ڀاڳت ۽ خان محمد ڀاڳت جي اوطاق تي فيصلي لاء ويٺل منٿ ميڙ لاء ڀاڳت برادري جي ماڻهن مٿان قاتلان حملو  فائرنگ ڪري ڏني ته واقعي جي اطلاع تي سڳيون ۽ سوڀوديرو پوليس پھچي وئي ـ ھنن چيو ته اسان ڳوٺاڻن جي مدد ۽ پوليس سان گڏجي چئن حملي آورن  دائم ڀاڳت ـ اياز ڀاڳت ـ امتياز ڀاڳت سميت چئن ڄڻن کي سوگھو ڪري ھڪ رپيٽر  ۽ ڪار پوليس حوالي ڪيوسي ـھنن چيو ته مک بااثر وڏيرو شاھ زمان ڀاڳت جيھڙي دوران ٻين ھٿياربندن سميت واقعي واري ھنڌ کان فرار ٿي ويو آهي ـ ھنن آء جي سنڌ ـ ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کان گھر ڪئي ته بناجواز نشي ۾ ڌت بااثر  وڏيرو شاھ زمان ڀاڳت سميت گرفتار ھٿياربندن خلاف قاتلان حملي جو ڪيس داخل ڪري بااثر وڏيري جي امڪاني حملي کي روڪڻ لاء ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽ مقرر ڪري تحفظ انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.